فلسطين: برطانوي بيٺڪي ورهاڱي کان وٺي اڄوڪي گهيري تائين

محمد احسان لغاري

هاڻوڪي خليجي ڇڪتاڻ، ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل بمباري، لبنان تي اسرائيلي يلغار ۽ ايران جا جوابي حملا ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته فلسطين تي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري ظلم ۽ تڪرار کي ان جي وسيع تاريخي ۽ ججيڪڏهنافيائي تناظر ۾ سمجهڻ انتهائي ضروري آهي۔ وچ اوڀر ۾ طاقت جي توازن، توانائي جي رستن ۽ سلامتيءَ جي خدشن سان سلهاڙيل هي نئون بحران ڪنهن اوچتي واقعي جو نتيجو ناهي، پر هي هڪ اهڙي ڊگهي تاريخي عمل جو تسلسل آهي جنهن جون پاڙون بيٺڪي دور، ناانصافي تي ٻڌل ورهاست ۽ پوءِ لڳاتار فوجي ۽ استعمارِي قبضي ۾ تمام گهڻيون اونهيون ٿي چڪيون آهن۔ تنهنڪري، حالتن جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ لاءِ لازمي آهي ته فلسطين جي مسئلي کي ان جي تاريخي پسمنظر، سياسي تاريخ ۽ عالمي قانوني بحثن جي روشنيءَ ۾ پرکيو وڃي۔

29 نومبر 1947ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي قرارداد 181 تحت برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين کي عرب ۽ يهودي رياستن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني وئي۔ ان وقت فلسطين جي ڪل آباديءَ جو لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو حصو عرب هئا، پر ان ورهاڱي واري منصوبي مطابق کين رڳو 45 سيڪڙو زمين ڏني وئي۔ صهيوني اڳواڻن ان منصوبي کي خوشيءَ سان قبول ڪيو، پر فلسطيني عربن ان کي پنهنجي وطن تي قبضي جي سازش ۽ وڏي ناانصافي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، جنهن سان خطي ۾ رت جي راند جا بنياد پيا۔

14 مئي 1948ع تي اسرائيلي رياست جي قيام جي اعلان سان گڏ ئي ظلم جو اهو باب شروع ٿيو جنهن کي فلسطيني “نڪبه” يعني عظيم تباهيءَ جي نالي سان ياد ڪن ٿا۔ مورخن ۽ تحقيقي رڪارڊن موجب 1947ع کان 1949ع جي وچ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ست لک فلسطيني، جيڪي ان وقت جي عرب آباديءَ جو اسي سيڪڙو کان به وڌيڪ هئا، پنهنجي گهرن، اباڻي زمين ۽ سڃاڻپ کان محروم ڪري دربدر ڪيا ويا۔ تاريخي رڪارڊ گواهي ڏين ٿا ته پنج سئو کان وڌيڪ فلسطيني ڳوٺ ۽ شهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي خالي هٿين شهرين جو قتل عام ڪيو ويو، جن ۾ دير ياسين (اپريل 1948، سو کان وڌيڪ شهيد) ۽ الطنطوره (مئي 1948، به سو کان وڌيڪ شهيد) جهڙا دردناڪ سانحا شامل آهن۔ اسرائيلي مورخ بيني مورس پنهنجي ڪتاب (The Birth of the Palestinian Refugee Problem) ۾ مڃي ٿو ته اهي بي دخليون سڌي سنئين فوجي ڪاررواين ۽ نيڪاليءَ جي حڪمن جو نتيجو هيون، جڏهن ته ايلان پاپي جهڙا نامياري محقق ان سڄي عمل کي هڪ منظم “نسلي صفائي” (Ethnic Cleansing) قرار ڏين ٿا۔

نڪبه کان پوءِ لکين فلسطيني اولهندي ڪناري، غزه، اردن، لبنان ۽ شام ۾ پناهگير بڻجي وکري ويا، جتي سندن بي دخلي رڳو هڪ عارضي حالت نه رهي پر نسلن تائين پکڙيل هڪ مستقل ۽ تلخ حقيقت بڻجي وئي۔ گڏيل قومن جي امدادي اداري موجب اڄ انهن پناهگيرن ۽ سندن نسلن جو انگ سٺ لک تائين پهچي چڪو آهي۔ 1949ع کان 1956ع تائين اسرائيلي سرحدن تي خوني جهيڙن ۽ فوجي ڪاررواين جو سلسلو جاري رهيو۔ اسرائيلي فوج جي رڪارڊ مطابق ان عرصي ۾ 286 اسرائيلي شهري مارجي ويا، جڏهن ته اسرائيلي وردي پوشن هٿان 2، 700 کان 5، 000 عرب ڌرتي ڌڻي پنهنجي وطن موٽڻ جي آس ۾ حياتيون وڃائي ويٺا۔ انهن ڪاررواين ۾ عام شهرين کي نشانو بنائڻ جا وحشياڻا واقعا پڻ شامل هئا، جيئن آڪٽوبر 1953ع ۾ قبيا تي يونٽ 101 جي حملي ۾ 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهري قتل ڪيا ويا، ۽ آڪٽوبر 1956ع ۾ ڪفر قاسم ۾ سرحدي پوليس پاران 49 فلسطيني مزدورن کي بي رحميءَ سان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو۔

جون 1967ع جي جنگ ۾ اسرائيل ڏاڍ ۽ جارحيت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا، جڏهن هن مصر، اردن ۽ شام خلاف جنگ دوران غزه، اولهندي ڪناري، اوڀر يروشلم ۽ گولان جون ٽڪريون پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتيون۔ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 242 انهن علائقن مان اسرائيلي قبضي کي ناجائز قرار ڏيندي خالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو اڄ تائين اڻپورو خواب بڻيل آهي۔ ان کان پوءِ اولهندي ڪناري ۽ اوڀر يروشلم ۾ اسرائيلي آبادين جو ڄار وڇايو ويو، جن کي انصاف جي عالمي عدالت (ICJ)، گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ جي وڏي اڪثريت جنيوا ڪنوينشن جي روشنيءَ ۾ غير قانوني قرار ڏئي ٿي۔ اڄ انهن غير قانوني آبادين ۾ ست لک اسرائيلي آبادڪار رهن ٿا، جڏهن ته اولهه ڪناري جا ستاويهه لک فلسطيني هر روز چيڪ پوسٽن، پابندين ۽ ورهاڱي لاءِ اڏيل ديوار جي صورت ۾ ڏاڍ ۽ دهشت کي ڀوڳي رهيا آهن۔

1993ع جي اوسلو(ناروي) معاهدي کي امن جي اميد طور پيش ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني اٿارٽي قائم ٿي ۽ کين محدود اختيار ڏنا ويا، پر يروشلم جي حيثيت، مسجد اقصيٰ جو تقدس، پناهگيرن جي واپسي ۽ ناجائز آبادين جهڙا بنيادي مسئلا اڄ به حل طلب آهن۔ 2000ع ۾ ٻي انتفاضه (عوامي بغاوت) جي شروعات سان تشدد ٻيهر وڌي ويو ۽ اسرائيلي فوجي ڪاررواين فلسطيني شهرن کي کنڊر بڻائي ڇڏيو۔ 2002ع ۾ تعمير ٿيندڙ علحدگي واري ديوار کي عالمي عدالت 2004ع ۾ غير قانوني قرار ڏنو، پر اها ديوار اڄ به فلسطيني زمين جو سينو چيري بيٺي آهي۔

غزه جي صورتحال هن دور جو سڀ کان وڏو انساني الميو آهي۔ 2005ع ۾ اسرائيل پنهنجي آبادڪارن ۽ فوج کي ته هٽايو پر گڏيل قومن موجب هن غزه جي سرحدن، فضائي حدن ۽ سمنڊ تي پنهنجو مڪمل قبضو برقرار رکيو۔ 2007ع کان لاڳو ڪيل ناڪه بنديءَ کي انساني حقن جي تنظيمن “اجتماعي سزا” قرار ڏنو آهي، جنهن غزه کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي۔ ان کان پوءِ 2008ع، 2009ع ۽ 2014ع ۾ هزارين فلسطيني شهيد ٿيا، جن ۾ اڪثريت معصوم ٻارن جي هئي۔

7 آڪٽوبر 2023ع کان پوءِ جي صورتحال ته بربريت جي سڀني حدن کي پار ڪري وئي آهي۔ گڏيل قومن جي اداري OCHA ۽ غزه جي صحت واري وزارت مطابق، فيبروري 2026ع تائين غزه ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 72، 000 کان وڌي چڪو آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 1، 71، 000 کان به مٿي آهي، جن ۾ 44 سيڪڙو رڳو عورتون ۽ ٻار آهن۔ اسرائيلي فوج 350 کان وڌيڪ طبي عملدارن، 160 کان مٿي صحافين ۽ 200 کان وڌيڪ گڏيل قومن جي امدادي ڪارڪنن کي پڻ نشانو بڻائي شهيد ڪري ڇڏيو آهي۔

گڏيل قومن جي اداري (OHCHR) جي فيبروري 2026ع واري رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي ته خوراڪ، پاڻي ۽ طبي امداد کي روڪي بک کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو آهي۔ رپورٽ مطابق 463 فلسطيني، جن ۾ 157 ٻار شامل آهن، رڳو بک ۽ غذائي کوٽ سبب مري ويا آهن۔ لکين ماڻهو قحط جهڙي صورتحال جو شڪار آهن، جڏهن ته عالمي خوراڪ واري پروگرام (WFP) اتر غزه ۾ غذائي کوٽ ۽ ڏڪار جهڙي حالتن بابت چئي رهيو آهي۔ هي رپورٽ ثابت ڪري ٿي ته اسرائيلي حملا ۽ جبري لڏپلاڻ اصل ۾ نسلي صفائيءَ جي هڪ نئين ڪوشش آهي۔

عالمي عدالت جنوري 2024ع ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان داخل ڪيل نسل ڪشيءَ جي ڪيس ۾ حڪم ڏنو هو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي۔ آڪٽوبر 2025ع ۾ عدالت ٻيهر واضح ڪيو ته فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضو غير قانوني آهي ۽ اهو ترت ختم ٿيڻ گهرجي۔ عالمي فوجداري عدالت (ICC) جي پراسيڪيوٽر اسرائيلي قيادت خلاف جنگي ڏوهن جا وارنٽ به جاري ڪيا آهن، پر سوال اهو آهي ته انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟

عالمي سطح تي هن تڪرار ۾ هڪ چٽو تضاد نظر اچي ٿو۔ يورپي يونين، برطانيا ۽ ڪينيڊا سميت ملڪن جي وڏي اڪثريت اسرائيلي آبادڪاريءَ کي غير قانوني سمجهي ٿي، پر ان جي ابتڙ آمريڪا آڪٽوبر 2023ع کان مارچ 2026ع تائين سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بنديءَ جي ڪيترن ئي قراردادن کي ويٽو ڪري چڪو آهي ۽ اسرائيل کي مسلسل هٿيار مُهيا ڪري رهيو آهي۔ پاڪستان شروع کان وٺي اسرائيلي ظلم خلاف هڪ مضبوط آواز بڻجي سامهون آيو آهي ۽ فلسطيني حقن جي ڀرپور حمايت ڪندو رهيو آهي۔

1948ع جي نڪبه کان وٺي اڄ تائين جو تسلسل ثابت ڪري ٿو ته فلسطيني عوام هڪ ڊگهي عرصي کان بي دخلي، فوجي قبضي ۽ جبر کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ جيتوڻيڪ عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل کي ڏوهي قرار ڏين ٿيون، پر وڏن طاقتن، خاص ڪري آمريڪا جي انڌي حمايت پائيدار حل جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.