پيپلز پارٽي بمقابله جي ڊي اي

عبدالمجيد مغيري

ملڪ ۾ عام چونڊون، هر صورت ۾ پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، مسلم ليگ ن جي اتحادي حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪندي۔ عام چونڊن ۾ اڃان گهڻو وقت آهي، پر، سنڌ ۾ عام چونڊون ٿيڻ جي وقت کان، گهڻو وقت اڳ، سياسي سرگرميون شرووع ٿي ويون۔ هر ايندڙ ڏينهن سياسي سرگرمين ۾ تيزي اچي رهي آهي۔ سياسي پارٽيون جُڙنديون آهن ملڪ ۽ عوام جي ڀلي لاءِ، ترقي، خوشيون ۽ خوشحاليون مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ، پنهنجون منشور کڻي عوامي عدالت ۾ وينديون آهن۔ ووٽ ذريعي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي۔

پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته، سنڌ ۾ ٿيندڙ سياست ۽ سياسي پارٽين جو ڪردار انتهائي مايوس ڪندڙ رهيو آهي۔ هن وقت تائين سنڌ ۾ لشڪر پارٽيون ٺهي چُڪيون آهن، وري مزي جي ڳالهه اِها آهي ته، لشڪر پارٽين جو منشور ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جي “بغض” تي ٻڌل آهي، رات جي پيٽ ۾ پارٽي ٺهي وئي ۽ سج اُڀرڻ سان ئي شهيدن جي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ قيادت خلاف بداخلاقي جو طوفان اُٿاريو ويندو آهي اهرو لقاءُ سنڌ جو عوام سالن کان ڏسي رهيو آهي! !

ماضي ۾ به، پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف سنڌ ۾ وڏا اتحاد جُڙيا ۽ هر دؤر جي چونڊن واري ميدان ۾ سنڌ جي شعور شهيدن جي پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو ۽ لشڪر پارٽين جو گڏيل سياسي اتحاد ڪنڌڀُر ڪِرندو رهيو ، سنڌ ۾ گهڻيون شڪستون ۽ سياسي ڌڪ برداشت ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر قسمت کي آزمائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سان سياسي مقابلو ڪرڻ لاءِ خلاف “جي ڊي اي” جي پليٽ فارم تان، حُرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳارو جي سربراهي ۾ وڏو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتحاد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن۔

سياسي فرد پنهنجي سياسي فائدي لاءِ پنهنجي مرضي سان مختلف سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي رهيا آهن۔ تازو صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري صاحب، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب ۽ امير بخش ڀٽو جي پاڻ ۾ خوشگوار پنهنجائپ واري انداز ۾ گڏجاني ٿي، ٻين ڳالهين سان گڏ، امير بخش ڀٽو سان، پنهنجي شهيد رت جي رشتن جي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي وڃڻ جي ڳالهه پڻ ٿي آهي، ملاقات ٿيڻ تي جيالا ڏاڍا خوش ٿيا آهن۔

ڏهيسر سنڌ ممتاز علي خان ڀٽو جو پڳدار پُٽ معزز شخصيت امير بخش ڀٽو، پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي وڃڻ سان، هڪ ته، ڀٽو خاندان جو ڪافي ورهن کان پوءِ سياسي توڙي خانداني طور گڏجي هڪ ٿي وڃڻ، ٻيو ته، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، مخالفن لاءِ وڏو سياسي ڌچڪو آهي۔ امير بخش ڀٽو صاحب پنهنجن دوستن سميت ڪڏهن ٿو شموليت اختيار ڪري؟ سنڌ جو عوام ۽ جيالا سندس آجيان لاءِ انتظار ۾ آهن، امڪان آهي ته جلد شامل ٿي ويندو۔

پر ان کان اڳ لاڙڪاڻي مان پاڪستان پيپلز پارٽي کان ماضي ۾ ڌار ٿي ويل عباسي خاندان جو فرد اهم سياسي سخصيت معظم عباسي پنهنجي پارٽي “شهيد ڀٽو ورڪر” ختم ڪري حُرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳارو جي هٿ تي بيعت ڪري، فڪشنل ليگ ۾ شامل ٿي۔ حُر فقير ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو۔ معظم عباسي عوامي سطح جو سياستدان آهي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ چڱي خاصي شخصي ۽ سياسي پوزيشن رکي ٿو، فنڪشنل ليگ جي ڀڳل ٽُٽل ٻيڙي ۾ سوار ٿي پَڪو جماعتي ٿي ويو، معظم عباسي کي اها به چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي ته، حُر جماعت جا پنهنجا سخت قانون به آهن، حُر جماعت جا مُک خليفا وريام فقير جهڙا غازي مرد مجاهد به جماعتي سخت قانون طرفان مليل سزا ۾ زندگيءَ جا ڏينهن سخت پريشانين ۾ گُذاري پيو، گهڙيءَ گهڙيءَ گهاءُ اکين مان ڳوڙها پيو ڳاڙي! ! لاڙڪاڻي جي آزاد فضا ۾ مست آزاد سياسي زندگي گذاريندڙ معظم عباسي کي به جماعتي سخت قانون جي پاسداري ۾ سياسي زندگي گذارڻي پوندي، هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته پنهنجو پاڻ سياسي فيصلا ڪندڙ معظم عباسي ڪيترو وقت جماعت جي سخت قانونن جي پاسداري ڪندي فنڪشنل ليگ جي ڀڳل ٽٽل ٻيڙي ۾ ويهي سياسي سفر ڪري سگهي ٿو؟

پير سائين پاڳارو سان، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳوان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پڻ ملاقات ڪئي، اهي سڀ سياسي جُڙندڙ ڪڙيون، ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان چونڊ ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ جُڙي رهيون آهن۔

ماضي ۾ به جي ڊي اي جي پليٽ فارم تي گڏ ٿيل لشڪر پارٽيون گڏجي چونڊ ميدان ۾ لهي پيا هئا، پر پاڪستان پيپلز پارٽي سان مقابلو ڪري نه سگهيا۔ شڪست نصيب ٿيندي رهي، 2013ع جي مئي مهيني ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي سان سياسي مقابلو ڪرڻ لاءِ 10 پارٽين جو اتحاد جوڙي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي، پير سائين پاڳارو جي سربراهي ۾ چونڊن کان اڳ اپريل مهيني ۾ حيدرآباد جي هٽڙي باءِ پاس تي تاريخ جو وڏو جلسو ڪيو ويو جلسي کان پوءِ سنڌ ۾ اِهو تاثر عام ڪيو ويو هو ته، جي ڊي اي جو گڏيل اتحاد وڏي اڪثريت سان چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي شڪست ايندي” پر دنيا وارن ڏٺو ته، پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي سمنڊ ۾ جي ڊي اي جي گڏيل اتحادي پارٽين سميت سڀ پارٽيون لُڙهي ويون، شهيدن جي پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي حڪومت ڪئي، ۽ سڀئي مخالف شڪست کائي چُپُ جو روزو رکي خاموش ٿي ويهي رهيا جڏهن سال 2018ع ۾ عام چونڊون ٿيڻ جو وقت آيو ته، پاڪستان پيپلزپارٽي جا مخالف جاڳي پيا ۽ چونڊ ميدان ۾ لهي پيا پر، شهيدن جي پارٽيءَ جي عوامي سگهه اڳيان پنهنجا پير جهلي نه سگهيا، سڀ جا سڀ ڊهي پيا.

سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مضبوط حڪومت جُڙي ، 8 فيبروري 2024ع تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون، سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي تاريخي سوڀ ملي۔ تڏهن به مخالف ڌرين هاءِ گهوڙا شروع ڪئي هئي ته “اسان سان وڏي دانڌلي ٿي آهي” پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف بي مقصد نعرن، دڙڪن ۽ دهمانن جو طوفان اُڀاريو ويو۔ سنڌ ۾ بغاوت ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا، “جي ڊي اي” سان سلهاڙيل، عام چونڊن ۾ شڪست کاڌل سڀني پارٽين گڏجي 16 فيبروري 2024ع تي، پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف 17 پارٽين پير سائين پاڳارو جي سربراهيءَ ۾ حيدرآباد، ڄامشورو باءِ پاس تي وڏو احتجاجي ڌرڻو هنيون ويو۔ ڌرڻي ۾ پير سائين پاڳارو، سائين صدر الدين شاهه، غلام مرتضيٰ جتوئي، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب ، غلام رحم صاحب، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر، فهميده مرزا، صفدر عباسي، سيد جلال محمود شاهه، معظم عباسي، مولانا راشد محمود سومرو، لياقت جتوئي، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، سيد زين شاهه، جماعت اسلامي جو حافظ نعيم الرحمٰن، ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صديقي، سميت ٻيا ڪيترائي سياستدان احتجاجي ڌرڻي واري اسٽيج تي موجود هئا، عوام جو وڏو انگ شريڪ ٿيو هو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ حُر فقير هئا، جتي به، جنهن به جلسي يا ڪنهن ڌرڻي ۾ مرشد روحاني پيشوا پير سائين پاڳارو هوندو آهي اتي حُر فقير پنهنجي مرشد جي درشن ڪرڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ ٻارين ٻچين سميت پري پري کان اچي شريڪ ٿيندا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ پير سائين پاڳارو جي اڳواڻي ۾ جڏهن به سياسي جلسو ٿيو اُهو تاريخ جو وڏو جلسو ٿيو، پر چونڊن ۾ ڪامياب وڏي اڪثريت سان، پاڪستان پيپلز پارٽي ٿئي ٿي۔ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي۔

سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالفن کي چونڊ ميدان ۾ ناڪامين مٿان ناڪاميون نصيب ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو وري قسمت آزمائڻ لاءِ جي دي اي جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي رهيا آهن۔ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف روايتي بيان دڙڪا دهمان، سطحي ٻولي ڳالهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو۔

هاڻي ملڪ ۾ جڏهن به عام چونڊون ٿينديون ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي بمقابلا جي ڊي اي لشڪر پارٽيون وچ ۾ ٿيندو، پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي مخالفن کي شڪست ايندي، ڇو ته سنڌ جي سياسي ميدان تي پيپلز پارٽي جو مَدِ مُقابل ڪابه سياسي سگهاري پارٽي ناهي، لشڪر پارٽين جي گڏيل اتحاد پاسي، سنڌ جو شعور بيهڻ لاءِ تيار ناهي۔ ۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.