ڪراچي/ حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ نينگري سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. برسات سبب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ بجلي جو نظام مڪمل طور مفلوج ٿي ويو. ڪراچي جي تقريبن سڀني علائقن ملير، قائد آباد، گلشن اقبال، گلستانِ جوهر، شارع فيصل ۽ اولڊ سٽي ايريا ۾ تيز برسات بعد هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. برسات شروع ٿيندي ئي ڪي اليڪٽرڪ جا سوين فيڊر ٽرپ ڪري ويا، جنهن ڪري شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ڪراچي ۾ طوفاني هوائن سان گڏ پوندڙ برسات شهرين لاءِ زحمت بڻجي وئي، جتي ڪرنٽ لڳڻ ۽ ڀتيون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ معصوم نياڻي سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. پي آءِ بي ڪالوني ۾ ڪوئيٽا هوٽل ويجهو بجليءَ جي کنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 ورهين جو عبدالولي فوت ٿي ويو. سائيٽ سپر هاءِ وي واري علائقي ۾ هڪ دڪان ۾ بجليءَ جو ڪم ڪندي 35 ورهين جو شهاب الدين ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو. سرجاڻي ٽائون جي حسن بروهي ڳوٺ ۾ وائرنگ جو ڪم ڪندي 23 ورهين جو نوجوان سرتاج ۽ سيڪٽر سيون اي ۾ گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ورهين جي دعا بتول فوت ٿي وئي. ٻئي طرف، پراڻي گولي مار ۾ انور بيڪري ويجهو هڪ ٻن ماڙ گهر جي ڀت اوچتو گلي مان گذرندڙ رڪشا تي ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو رڪشا ڊرائيور ارشاد علي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. ريسڪيو 1122 جي عملي ملبو هٽائي لاش کي ٻاهر ڪڍيو. هوڏانهن اورنگي ٽائون ۾ اجتماع گاهه ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا رحمان، قاسم ۽ امير معاويه زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ انتظاميه پاران برساتي ايمرجنسي تحت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي سمورن ستن ئي تعلقن ۾ گذريل رات کان جاري برسات سبب ڪڻڪ، ٽماٽن ۽ هنداڻن جي فصلن کي وڏو نقصان پهتو آهي. شهر جي رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. دادو، جوهي، رتوڊيرو، ميرپور بٺورو، سعيد خان لغاري، بچيري، اوڏيرولال، سيٺارجا ۽ فريڊ آباد ۾ به برسات بعد هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي ويا آهن. برسات سان گڏ تيز هوائن سبب مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي ۽ بجلي جي فراهمي معطل هجڻ سبب علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته برساتي پاڻي سبب تيار فصل تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن تي حڪومت کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ هنگامي اپائن جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف، وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ برسات جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. هن انتظاميا ۽ مقامي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ رليف ڪئمپون قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير واضح ڪيو ته برسات دوران شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت پهرين ترجيح آهي ۽ سموري انتظاميا کي فيلڊ ۾ موجود رهڻ گهرجي. موسميات کاتي پاران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڪڻڪ جي تيار فصل کي وڏي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.