ڪوئٽا (م ڊ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. صوبائي آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، هرنائي، ڪوهلو، تربت، جعفرآباد، لورالائي ۽ ڪڇي ۾ جاني نقصان جا اطلاع مليا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بالا ناڙي واري علائقي ۾ بچاءُ بند ٽٽڻ ڪري 100 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، جڏهن ته 50 چوپايو مال مري ويو آهي ۽ 400 ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، هرنائي ۽ قلعه عبدالله ۾ به 100 جي لڳ ڀڳ گهرن کي نقصان پهتو آهي. هوڏانهن جھل مگسي ۾ سيلابي ريلي جي ڪري گنداواهه نوتال روڊ بند ٿي ويو آهي، جنهن سبب آمد و رفت ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ مقامي انتظاميه پاران متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.
عالمي بينڪ پاران سنڌ جي سڌارن واري مهم جي آجيان
ڪراچي (رپورٽر ) عالمي بينڪ سنڌ حڪومت جي سڌارن واري مهم ۽ وڏن ترقياتي منصوبن جي رفتار تيز ٿيڻ کي ساراهيندي چيو آهي ته اهم منصوبن تي اثرائتو عملدرآمد جاري آهي، خاص ڪري جام چاڪرو ۾ ڪراچي جي سڀ کان وڏي لينڊ فل سائيٽ جي تعمير کي شهر جي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ نظام جي جديد بڻائڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ويو آهي. اهو اطمينان جو اظهار 4.1 ارب ڊالر ماليت جي عالمي بينڪ جي تعاون سان جاري 14 منصوبن جي اعليٰ سطحي جائزي اجلاس دوران ڪيو ويو جنهن جو گڏيل طور تي جائزو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهي ۾ صوبائي ٽيم ۽ عالمي بينڪ اختيارين ورتو. هينئر تائين لڳ ڀڳ 2.2 ارب ڊالر جاري ڪيا ويا آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ مستحڪم اڳڀرائي جي عڪاسي ڪن ٿا. سالڊ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ ايفيشنسي پراجيڪٽ (ايس ڊبليو اي اي پي) تحت جام چاڪرو لينڊ فل هڪ جديد سهولت طور اڀري رهيو آهي جنهن ۾ 59 سيڪڙو فنڊز استعمال ٿي چڪا آهن. اڪثر حصن جي تڪميل 2026 تائين متوقع آهي. جنهن سان شهرين کي صاف ۽ صحت مند ماحول ميسر ايند. ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾، عالمي بينڪ ڪراچي موبلٽي پراجيڪٽ تحت يلو لائن بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) منصوبي لاءِ وڌيڪ 157.7 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني ، جنهن ۾ ڪي فور توسيع شامل آهي، شروعاتي مرحلن ۾ آهي جتي زمين جي معاوضي ۽ ادارتي هم آهنگي تي ڪم جاري آهي. عالمي بينڪ پائيداري لاءِ خريداري جي عمل ۽ ادارتي سڌارن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. صحت جي شعبي ۾، سنڌ انٽيگريٽڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پراجيڪٽ تحت اڳڀرائي جاري آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو موجب ايمبولينسز فعال آهن، ڊيجيٽل هيلٿ سسٽمز متعارف ڪرايا پيا وڃن ۽ طبي سهولتن جي بحالي جو عمل جاري آهي. ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز جي تربيت مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته سروسز کي ضلعن تائين وسعت ڏني پئي وڃي. تعليم جي شعبي ۾ سنڌ ارلي لرننگ انهانسمينٽ پراجيڪٽ تحت اڳڀرائي جاري آهي. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه موجب شاگردن جي حاضري جو نئون مانيٽرنگ نظام سڄي صوبي ۾ وسعت حاصل ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسڪولن جي تعمير ۽ بحالي جاري آهي ۽ ڪيترائي منصوبا تڪميل جي ويجهو آهن. زرعي شعبي ۾ سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر تانسفارميشن پراجيڪٽ تي به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. رٿابندي ۽ ترقي واري وزير جام خان شورو موجب قانون سازي ۽ انفراسٽرڪچر قدمن سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي جا پروگرام به جاري آهن
28 هين ترميم بابت وزيراعظم پيپلز پارٽي سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي: شازيا مري
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته بلوچستان حڪومت يا وڏي وزير سرفراز بگٽي کي تبديل ڪرڻ واريون ڳالهيون بي بنياد آهن، بلوچستان حڪومت تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 28هين ترميم بابت جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن اهي رڳو اڳڪٿيون آهن، وزيراعظم ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو. شازيا مري وفاقي حڪومت کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي اين ايف سي ايوارڊ تي ڪو به ڪٽ لڳڻ نه ڏيندي ۽ نه ئي صوبائي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو ڪيو ويندو. هن چيو ته وڏو وزير سرفراز بگٽي وفاقي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ تيل بچائڻ واري مهم جي سمورن اجلاسن ۾ شريڪ رهيو آهي. تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ هاڻي هڪ سياسي جماعت ناهي رهي پر ان ۾ مختلف جٿا بڻجي ويا آهن، جن جو هڪ ٻئي سان ڪو رابطو ناهي.