سنڌ جي وحدت خلاف هر سازش جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين: پ پ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪنهن به سازش کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت خلاف هر سازش جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي.
پ پ اڳواڻ هير سوهو چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جي سوچ رکڻ وارا خوابن جي دنيا ۾ رهن ٿا، سنڌ جي وحدت خلاف هر سازش جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي ۽ ان معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن ۽ اهي به سنڌ جي ورهاست نٿا چاهين.
هن چيو ته سنڌ جي وحدت برقرار رکڻ لاءِ سمورا سنڌي گڏ آهن ۽ سنڌ جي ورهاست بابت ڪنهن به سوچ کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

You might also like