ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان سنڌ جي ورهاڱي بابت رٿ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تي نثار کهڙي جا ٿورا مڃي ورتا.
نوان صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت بحث جي موقف کي ايم ڪيو ايم پنهنجي وڏي سياسي ڪاميابي ۽ پنهنجي موقف جي فتح قرار ڏنو آهي.
ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر طحه احمد چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ماضي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت ڳالهائڻ کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قرار ڏيندي هئي.
هن چيو ته ماضيءَ ۾ مخالفت باوجود اڄ پيپلز پارٽي پاڻ ميمبرن کي هن معاملي تي بحث ۽ مباحثي جي دعوت ڏئي رهي آهي.
طحه احمد چيو ته اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري جي دور ۾ هن موضوع تي ڳالهائڻ تي پيپلز پارٽي سخت اعتراض اٿاريا هئا.
هن چيو ته ايوان ۾ ايم ڪيو ايم وٽ ايترا انگ ۽ پوزيشن ناهن، جو تحريڪِ التوا يا ٺهراءُ پيش ڪري سگهي.
طحه احمد موجب، ايم ڪيو ايم جي منشور جو حصو هجڻ باوجود جيڪو ڪم هو نه ڪري سگهيا، اهو ڪم اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪري ڏيکاريو آهي.
هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن تحريڪِ التوا آڻي ايوان ۾ هن اهم معاملي تي بحث جو موقعو فراهم ڪيو.
سنڌ ورهاڱي جي رٿ، ”جيڪو ڪم اسان نه ڪري سگهياسين، اهو پ پ ڪري ڏيکاريو“، ايم ڪيو ايم نثار کهڙي جا ٿورا مڃي ورتا
You might also like