ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليوارو هدايتڪار ۽ اداڪار غلام حيدر صديقي 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سنڌ جو ناليوارو هدايتڪار ۽ اداڪار غلام حيدر صديقي 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وڇوڙي سان سنڌي فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي.
غلام حيدر صديقي سنڌي فلمن ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“، ”بادل“ ۽ ”البيلي“ سميت ڪيترين ئي فلمن جي هدايتڪاري ڪئي، جڏهن ته هن اداڪاري جي شعبي ۾ پڻ پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون.
هن ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن جي هدايتڪاري به ڪئي ۽ سنڌي فن ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
فنڪار برادري ۽ ثقافتي حلقن پاران غلام حيدر صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندس فني خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
You might also like