تهران / لنڊن (م ڊ) ايران جي پاسداران انقلاب آبنائي هرمز مان گذرندڙ 3 بحري جهازن کي سخت وارننگ ڏيندي واپس ڪري ڇڏيو آهي. پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته هي اسٽريٽجڪ لنگهه دشمن جي بندرگاهن تان ايندڙ يا ويندڙ جهازن لاءِ مڪمل طور بند آهي ۽ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. ياد رهي ته آبنائي هرمز دنيا جي اهم ترين بحري گزرگاهه آهي، جتان دنيا جو 20 سيڪڙو تيل ۽ گئس گذري ٿي، جنهن جي بندش عالمي سطح تي توانائي جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز ٻڌايو آهي ته جيڪي جهاز هن رستي تان گذري رهيا آهن، اهي ايران کي 20 لک ڊالرن تائين فيس ادا ڪري رهيا آهن. ايراني پارليامينٽ جي ميمبر علاالدين بروجردي پڻ سرڪاري ٽي وي تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب، جهازن کي گذرڻ لاءِ هڪ خاص ڪوڊ ڏنو وڃي ٿو، جيڪو بين الاقوامي هنگامي ريڊيو فرڪوئنسي تي نشر ڪيو ويندو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪيتريون ئي عالمي شپنگ ڪمپنيون پنهنجو جهنڊو تبديل ڪري پاڪستاني رجسٽريشن تحت سفر ڪري رهيون آهن ته جيئن محفوظ لنگهه حاصل ڪري سگهجي. پاڪستاني ذريعن موجب، اهي قدم نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ هڪ خيرسگالي پيغام طور ڏٺا پيا وڃن. رپورٽ موجب، جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ هينئر تائين ڪنهن به اهڙي جهاز کي گذرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي جنهن جو سامان آمريڪا يا يورپ لاءِ هجي، جڏهن ته چين، ڀارت ۽ اوڀر آفريڪا ڏانهن ويندڙ جهازن جي اچ وڃ جاري آهي.