ڪويتي ولي عهد جو وزيراعظم سان رابطو، ٽياڪڙي لاءِ ڪوششن جي حمايت

اسلام آباد / ڪويت سٽي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح وچ ۾ اهم ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال ۽ ٻه طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف ڪويت تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان هن ڏکي گهڙيءَ ۾ ڪويتي  ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. هن حملن ۾ ٿيندڙ جاني زيان تي تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحت يابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ڪويتي قيادت کي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان پاران ڪيل سفارتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. ڪويت جي ولي عهد وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار جي ڀرپور حمايت ڪئي. ولي عهد حالتون بهتر ٿيڻ تي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف ولي عهد جو شڪريو ادا ڪندي يقين ڏياريو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.