ڳيريلي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هڪ شخص چاقن جا وار ڪري قتل

ڳيريلو (ن ع آ) ڳيريلي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ٿريچا ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هڪ 40 ورهين جي نوجوان الهورايو عرف نظرو چانڊيو کي چاقن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. واقعي بعد جوابدار راجا ابڙو پاڻمرادو ڳيريلو پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي ۽ ڏوهه جو اعتراف ڪيو. پوليس مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال مان ضروري ڪارروائي ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قيامت صغرا جا منظر هئا. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار جي گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ اتان قيمتي سامان پنهنجي موبائيل ۾ کڻي وئي آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي شخص کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي جنهن جو نالو راز ۾ رکيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته واقعي جو مک جوابدار گرفتار آهي، پر مقتول جا وارث اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ناهن پهتا. پوليس موجب جيئن ئي فريادي ايندو ته قانون تحت ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي ويندي. هن افسوسناڪ واقعي کانپوءِ سڄي علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.