پيٽروليم شين تي ٽارگيٽڊ سبسڊي جو فيصلو، گهٽ آمدني وارن لاءِ ايپ تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين تي ٽارگيٽڊ سبسڊي جو فيصلو ڪيو ويوآهي. وفاقي حڪومت ۽ صوبن پيٽروليم شين تي ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ ويجهي هم آهنگي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان جلد ئي ٽارگيٽڊ سبسڊي سسٽم کي  آخري شڪل ڏني ويندي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ سبسڊي سڌارن بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ ٻارڻ جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته ملڪ ۾ تيل جي فراهمي مستحڪم ۽ اطمينان بخش آهي. آئي ٽي وزارت پيٽروليم شين تي ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ هڪ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام تجويز ڪيو، جنهن جو مقصد شفافيت ۽ اثرائتي ترسيل کي يقيني بڻائڻ آهي. توانائي بحران کي نظر ۾ رکندي، اجلاس ۾ موبائل ايپ ذريعي سبسڊي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان جلد ئي ٽارگيٽڊ سبسڊي سسٽم کي آخري شڪل ڏني ويندي ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي برقرار رکي ويندي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻارڻ جي فراهمي جي تعريف ڪندي، ماڻهن ۾ بچت جي رجحان کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. پنجاب جي نمائندگي ڪندي سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو سڌو سنئون ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي ۽ بدلجندڙ صورتحال جي مطابق ڪيترائي پاليسي آپشن تيار ڪرڻ گهرجن.خيبر پختونخواهه جي ناڻي واري وزير مزمل اسلم وفاقي حڪومت جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تيل جي فراهمي کي بهتر طريقي سان برقرار رکيو آهي. بلوچستان جي ناڻي واري وزير مير شعيب نوشيرواني پڻ اجلاس ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته حڪومت وٽ محدود مالي صلاحيت آهي، جيڪا گهڻو ڪري پيٽروليم ليوي مان حاصل ٿيندڙ آمدني تائين محدود آهي، تنهن ڪري ڪنهن به رليف پيڪيج کي معاشي استحڪام کي ذهن ۾ رکندي ٺاهيو ويندو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته صورتحال کي چئلينج جي بدران سڌارن جي موقعي جي طور تي ڏٺو وڃي ۽ ٽيڪس ۽ سبسڊي سسٽم ۾ شفافيت ۽ بهتري لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ عوام ۾ ذميوار استعمال جي رجحان کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٽارگيٽڊ سبسڊي سسٽم کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي برقرار رکي ويندي. هوڏانهن ذريعن موجب وفاقي حڪومت توانائي بحران دوران گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پيٽرول سبسڊي ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. حڪومت جي هدايت تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پيٽرول سبسڊي ڏيڻ لاءِ ايپ تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا هن وقت ٽيسٽنگ مرحلي ۾ آهي. ذريعن موجب، ٽو ۽ ٿري ويلرز کي سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته ٻين واهپيدارن تائين عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ ٿيل قيمتون منتقل ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته 800 سي سي گاڏين لاءِ اڃا فيصلو ناهي ٿيو، جڏهن ته موٽر سائيڪلن لاءِ ماهوار 20 ليٽر پيٽرول ڪوٽا تجويز ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، ملڪ جي 12 هزار پيٽرول پمپن تي سبسڊي لاءِ الڳ نوزلز رکيا ويندا ۽ هر پيٽرول پمپ تي موبائل فون ذريعي ايپ وسيلي پيٽرول فراهم ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.