مورو ڀرسان ڳوٺ ماڙي ٻگهيو ۾ فائرنگ، نوجوان سليم ٻگهيو قتل، هڪ نينگري زخمي

مورو (رپورٽ: جاني مورائي) مورو ڀرسان لغاري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ماڙي ٻگهيو ۾ اوچتو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سليم ٻگهيو قتل ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ نينگري سخت زخمي ٿي پئي. مليل ڄاڻ موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ سليم ٻگهيو سخت زخمي ٿيڻ بعد موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب هڪ ڇوڪري پڻ زخمي ٿي، جنهن کي فوري طور مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن پاران شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد نينگريءَ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف مقتول سليم ٻگهيو جو لاش ضروري ڪارروائي  بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي نينگريءَ جي ماءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته ظھور ٻگهيو فائرنگ ڪري سندس ڌيءَ کي زخمي ڪيو ۽ نوجوان کي قتل ڪيو آهي. واقعي جي اطلاع تي لغاري ٿاڻي جو ايس ايڇ او شاهد علي ڄامڙو پوليس نفري سان گڏ پهچي شاهديون گڏ ڪيون. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري حقيقتون سامهون آنديون وينديون. هن افسوسناڪ واقعي کانپوءِ سڄي علائقي ۾ سوڳ ۽ خوف پکڙيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.