وزيراعظم جو 37 گاڏين جو قافلو ڪفايت شعاري ناهي : پي ٽي آءِ

ڪراچي ( رپورٽر ) پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر راجا اظهر وزيراعظم شهباز شريف جي ڪراچي دوري تي سخت تنقيد ڪندي چيو  آهي ته اهو دورو صرف نمائشي ثابت ٿيو، جتي حڪمرانن عوامي مسئلن جي بدران سياسي ملاقاتن کي ترجيح ڏني۔ راجا اظهر چيو ته 37 گاڏين تي مشتمل قافلو ظاهر ڪري ٿو ته حڪمرانن لاءِ ڪا به ڪفايت شعاري ناهي، جڏهن ته قربانيون هميشه عوام لاءِ ٿين ٿيون۔ حڪومتي پاليسيون تضادن سان ڀريل آهن، هڪ طرف بچت مهم جي دعويٰ ۽ ٻئي طرف شاهاڻا خرچ جاري آهن۔ هن زور ڏنو ته پهريان حڪومت پنهنجي خرچن کي گهٽائي پوءِ عوام کي نصيحت ڪرڻ گهرجي. گل پلازا جا متاثر خاندان نظر نه اچن ٿا. جيڪڏهن وزيراعظم واقعي عوام سان گڏ بيٺا هجن ها ته سڀ کان پهريان گل پلازا جي متاثر خاندانن جي دروازي تي وڃن ها۔ راجا اظهر زور ڏنو ته حڪومت نمائشي سياست ڇڏائي ۽ عوام جي ڏکن جو حقيقي مداوا ڪري۔ گل پلازا جي لواحقين کي اڪيلو ڇڏڻ حڪومت جي بي حسي جي بدترين مثال آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.