تهران / تل ابيب / اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن ۾ شدت اچي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اصفهان، قم ۽ تهران جي رهائشي علائقن ۾ وڏي پيماني تي جاني نقصان ٿيو آهي. تازي بمباريءَ ۾ اصفهان ۾ 7 ٻارڙن ۽ 7 عورتن سميت 26 شهري شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته مجموعي طور تي گذريل ڏينهن حملن ۾ 36 شهادتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. هلال احمر ايران موجب، قم ۾ ٿيندڙ حملن ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، جتي ڪيتريون ئي عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويون آهن ۽ امدادي ٽيمون دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. گذريل چار هفتن جي جنگ ۾ شهيد ايرانين جو انگ 1937 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف، ايران پاران جوابي ڪارروائيءَ ۾ هڪ انکو انداز اختيار ڪيو ويو آهي. پاسداران انقلاب پاران اسرائيل تي ڪرايل ڪلسٽر ميزائلن تي Thank You Peoples of Pakistan جا جملا لکيا ويا آهن، جنهن جو مقصد ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جي حمايت جو اعتراف ڪرڻ آهي. ايران پاران تيل ابيب ۽ خطي ۾ موجود ڪويت، بحرين ۽ قطر جي آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. پاسداران انقلاب آبنائي هرمز کي مڪمل طور بند ڪندي 3 تيل بردار جهازن کي واپس مڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سفارتي محاذ تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ايران جي توانائي تنصيبات تي حملا 6 اپريل تائين روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي نمائندي اسٽيو وٽڪوف تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٽيم ذريعي ايران کي 15 نقاطي ايڪشن لسٽ موڪلي وئي آهي، جنهن سان امن معاهدي جي اميد پيدا ٿي آهي. صدر ٽرمپ وزيراعظم شهباز شريف جي واکاڻ ڪندي کيس هڪ ”بهترين ماڻهو“ قرار ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني وزيراعظم ڪردار ادا نه ڪري ها ته لکين ماڻهو مارجي وڃن ها. ان دوران، ايران گڏيل قومن کي خط لکي انڪشاف ڪيو آهي ته دشمن پاران پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اسپيڪر باقر قاليباف کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. پاسداران انقلاب خطي جي ملڪن جي عوام کي خبردار ڪيو آهي ته هو آمريڪي فوجي مرڪزن کان پري رهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ۽ صهيوني فوجون معصوم شهرين کي انساني ڍال طور استعمال ڪري رهيون آهن. ٻئي طرف سعودي عرب جي وزارت دفاع موجب رياض تي ڪيرايل 6 ميزائلن مان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. پوري خطي ۾ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري بڻيل آهي. ٻئي پاسي لبنان تان مزاحمتي تنظيم حزب الله جي مسلسل حملن ۽ جوابي ڪارروائين اتر اسرائيل جي شهرن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ مقامي نمائندن نيتن ياهو حڪومت خلاف بغاوت ڪري ڏني آهي. اتر اسرائيل جي مقامي ڪائونسل سربراهن جو چوڻ آهي ته حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي. مارگاليوت شهر جي ميئر ميڊيا سان ڳالهائيندي جذباتي انداز ۾ روئندي چيو ته حزب الله جي حملن شهر جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي، هر شيءِ برباد ٿي وئي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته افسوس آهي جو اڄ ڪو به ملڪ اسرائيل جي حمايت ۾ بيٺل نظر نٿو اچي، ائين پيو لڳي ڄڻ اسان لبنان آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هجن. ٻئي طرف ڪيرت شمونا جي ميئر جو چوڻ آهي ته شهر جا گهڻي ڀاڱي شهري لڏپلاڻ ڪري ويا آهن ۽ جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته باقي ماڻهو به گهر ڇڏي هليا ويندا. اسرائيلي ماهرن موجب، اتر اسرائيل ۾ وڌندڙ هيءَ بي چيني نيتن ياهو جي جنگي حڪمت عملي تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي.