پاڪستان دنيا لاءِ اهم مرڪز بڻجي ويو، بندرگاهن تي سرگرمين ۾ رڪارڊ واڌ

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۽ نار سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ رنڊڪن جي ڪري پاڪستان دنيا جي هڪ اهم واپاري ۽ لاجسٽڪ حب طور اڀري آيو آهي. عالمي ڪاروباري رسالن ۽ ماهرن موجب، ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ گوادر پورٽ سميت پاڪستاني بندرگاهن تي واپاري سرگرمين ۾ غير معمولي واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. حيران ڪندڙ طور تي، ڪراچي پورٽ تي صرف گذريل 24 ڏينهن اندر ٽرانس شپمينٽ جو ايترو مقدار پهتو آهي، جيڪو سڄي سال جي ڪارڪردگيءَ جي برابر آهي.  انگن اکرن موجب، هن مختصر عرصي ۾ 8313 ڪنٽينرن جيتري مال جي هٿ چراند ڪئي وئي، جڏهن ته سڄي سال 2025ع ۾ اهو انگ 8300 ڪنٽينر هو. عربي اخبارن جي رپورٽن موجب، خليج عرب ۾ بحري رستن جي تبديليءَ سبب پاڪستان کي بهترين متبادل طور ڏٺو پيو وڃي. ڏکڻ ايشيا پاڪستان ٽرمينل، هچيسن پورٽ ۽ ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل هزارين ڪنٽينرن جي ڪامياب ترسيل ذريعي پنهنجي صلاحيتن جو لوهه مڃرايو آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته سي پيڪ تحت تيار ڪيل جديد انفراسٽرڪچر پاڪستان کي خطي ۾ هڪ مستحڪم واپاري مرڪز طور بيهاري رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي ثابت ٿيندو. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دنيا جو پاڪستان کي ٽرانس شپمينٽ لاءِ بهترين مقام سمجهڻ ملڪ جي وڌندڙ عالمي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.