اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي نادرا جي اختيارن ۾ واڌ بابت هڪ اهم سرڪاري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل هن بل تحت نادرا کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ڪنهن به مشڪوڪ شخص جو سڃاڻپ ڪارڊ 60 ڏينهن تائين بلاڪ ڪري سگهندي. ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ هاڻي هي بل حتمي فيصلي لاءِ سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. وزارت جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ هڪ انتهائي حساس ۽ قومي سلامتي جو دستاويز آهي، جنهن جو غلط استعمال ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ معيشت لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. وزارت موجب، واضح قانون نه هجڻ جي ڪري نادرا کي آپريشنل معاملن ۾ سخت رنڊڪون هيون، جنهن جو فائدو کڻي ڏوهاري عنصر قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ مختلف بهانا ڪندا هئا ۽ اٿارٽي آڏو پيش ٿيڻ بدران وقت ضايع ڪندا هئا. هن نئين قانوني ترميم کانپوءِ نادرا کي شڪي ماڻهن جي ڪارڊن کي معطل ڪرڻ جا وسيع اختيار ملي ويندا، جنهن سان قومي سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهبو.