تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اڄ اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي عوام جي بيداري جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون،پاڪستان ۽ ترڪي جو عوام آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڏوهن خلاف نفرت جو اظهار ڪري رهيو آهي،عراق،لبنان،مصر،عرب ملڪن جو عوام به انهن ڏوهن خلاف نفرت جو اظهارڪريرهيو آهي، هن چيو ته دنيا جي آزاد ماڻهن جي دل صيهونين سان گڏ ناهي،خطي ۾ استحڪام رڳو گڏيل سهڪار ۽ قومن جي مرضي جو احترام ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي،