ماسڪو(عوامي آواز نيوز) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته ايران واري جنگ سبب خطي جي ٻين ملڪن جا شهري به متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته وچ اوڀر ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ٿيندڙ واقعا عالمي اثر رسوخ قائم رکڻ جي ڪوششن جو حصو آهن۔ماسڪو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وچ اوڀرٰ ۽ لاطيني آمريڪا ۾ انتهائي ڊرامائي حالتن جو مشاهدوڪيو ويو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته فلسطين جو مسئلو 1948ع ۾ حل ٿيندو نظر آيو هو، پر موجوده حالتون انتهائي ناانصافي ۽ غير منصفاڻيون آهن۔روسي پرڏيهي وزير چيو ته هو مسلم ۽ عرب دوست ملڪن سان گڏجي امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندا، جڏهن ته نار جي چوڌاري سيڪيورٽي بابت روس جا ڊگهي مدي وارا منصوبا اڳ ئي تيار آهن۔سرگئی لاروف وڌيڪ چيو ته نار جو سيڪيورٽي منصوبو پنج عرب ملڪن ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل آهي، ۽ روس چين سان به هر شعبي ۾ ڀائيواري کي مضبوط ڪري رهيو آهي۔هن اهو به چيو ته اتر ڪوريا سان روس جو هڪ عملي معاهدو پڻ موجود آهي۔