تهران(عوامي آواز نيوز)ايران ۾ جاري جنگ ۽ خراب معاشي حالتن دوران هڪ مقامي سپرمارڪيٽ انسانيت ۽ يڪجهتي جي علامت بڻجي وئي آهي، جتي دڪاندار جي هڪ سادي پيغام سوشل ميڊيا تي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي،سپرمارڪيٽ ٻاهران لڳايل هٿ سان لکيل بورڊ تي لکيل هو ته: “جيتري ضرورت هجي وٺي وڃو، جنگ کان پوءِ ادائيگي ڪري ڇڏجو”۔هي پيغام ڏسندي ئي وائرل ٿي ويو ۽ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو۔رپورٽن موجب، تازي ڇڪتاڻ ۽ مهانگائي ۾ واڌ سبب ايران ۾ خوراڪ جي شين جي فراهمي متاثر ٿي آهي، جنهن ڪري عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔اهڙي صورتحال ۾ هن دڪاندار جو قدم رڳو ذاتي مدد نه پر سماجي يڪجهتي جو هڪ وڏو مثال بڻجي سامهون آيو آهي۔ماهرن موجب، هي عمل ايران جي “وال آف ڪائنڊنس” جهڙي روايت جي جديد شڪل آهي،جتي ماڻهو ضرورت وارن لاءِ ڪپڙا ۽ کاڌو ڇڏي ويندا آهن۔هي روايت ڏکين حالتن ۾ هڪ ٻئي جي سهاري ٿيڻ جي عڪاسي ڪري ٿي۔ان سان گڏ، ايراني حڪومت پاران تازو قومي اتحاد جو هفتو به ملهايو ويو هو، ۽ اهڙا قدم ظاهر ڪن ٿا ته ڏکين وقتن ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن۔