دوحا(عوامي آواز نيوز)قطر جي وزيرِاعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني چيو آهي ته راس لفان ۾ حملي سان ايران ڇڪتاڻ کي خطرناڪ حد تائين وڌايو آهي ۽ اهڙي “جارحيت” سان ايران پنهنجو اعتماد وڃائي ڇڏيو آهي۔دوحا ۾ ترڪي جي پرڏيهي وزيرحڪان فيدان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قطري وزيرِاعظم چيو ته خطي ۾ ايران جا حملا فوري طور بند ٿيڻ گهرجن۔ هن وڌيڪ چيو ته سفارتڪاري هميشه ممڪن هوندي آهي ۽ قطر يقين رکي ٿو ته ڪنهن به تڪرار جو پهريون ۽ آخري حل سفارتڪاري ئي آهي۔سندس بقول قطر کي نشانو بڻجڻ سندن لاءِ وڏو ڌچڪو هو ۽ اهڙا حملا باهمي احترام بدران جارحيت تي ٻڌل آهن، جنهن سان اعتماد کي سخت نقصان پهتو آهي۔قطري وزيرِاعظم اهو به چيو ته هي جنگ اسرائيل طرفان شروع ٿي ۽ ايران جواب ۾ پاڙيسري ملڪن کي نشانو بڻايو۔ هن زور ڏنو ته سفارتڪاري کي جاري رکڻ ضروري آهي پر جارحيت سان اعتماد بحال نٿو ٿي سگهي۔ان موقعي تي ترڪي جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان چيو ته ايران جنگ جي ڪري ڌيان فلسطين ۽ غزه کان نه هٽڻ گهرجي۔ هن قطر سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن حملن جي مذمت ڪئي جيڪي شهري زندگين ۽ بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائن ٿا۔