سعودي عرب پاران ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي

رياض(عوامي آواز نيوز) سعودي عرب جي  پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو آهي ته جيڪڏهن ضروري سمجهيو ويو ته سعودي عرب فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو حق به محفوظ رکي ٿو۔رياض ۾ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اهم اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن  چيو ته رياض ۾ ٻن آئل ريفائنرين تي حملا ٿيا، جن جو الزام ايران تي لڳايو ويو آهي۔ سندس بقول ايران سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائي پنهنجي ساک کي نقصان پهچايو آهي ۽ اهو انهن حملن لاءِ اڳواٽ تيار هو۔هن ايران تي تنقيد ڪندي چيو ته ايران کي پنهنجي غلط اندازن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهڙن حملن سان کيس ڪو به فائدو نه ملندو۔ سعودي وزير خارجه موجب ايران پاڙيسري ملڪن سان ڀائيچاري بدران مخالفاڻو رويو اختيار ڪيو آهي ۽ کيس فوراً پنهنجن پراڪسي گروپن جي حمايت بند ڪرڻ گهرجي۔شهزاده فيصل بن فرحان واضح ڪيو ته ايران خلاف سياسي ۽ غير سياسي ٻئي قسم جا قدم ممڪن آهن، ۽ جيڪڏهن سياسي دٻاءُ ناڪام ٿيو ته سعودي عرب فوجي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو، جڏهن ته حتمي فيصلو قيادت صورتحال مطابق ڪندي۔هن وڌيڪ چيو ته بحري آمدورفت جو تحفظ انتهائي ضروري آهي ۽ آزاد آمدورفت کي خطري کان بچائڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا۔ سندس بقول ايران واضح پيغام سمجهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جنهن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.