موري ۾ پنجين ڏينهن به برسات دوران ڌرڻو،انصاف جا رستا بند آهن:زين شاهه

مورو (رپورٽ: جاني مورائي)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاھ ۽ روشن ٻرڙو مورو سانحي جي بيگناھ قيد ڪيل قيدين جي وارثن مردن عورتن ٻارڙن سان گڏجي پنجين ڏينهن به برسات ۾ مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي سيد زين شاهه عورتن امڙين ڀينرن نياڻين  ٻارڙن سان همدردي جو اظهار ڪيو انهن کي يقين ڏياريو ته ڳوٺ لغاري بجراڻي جي لغاري شهيد نوجوانن ۽ شهر مورو جي مختلف برادرين جي ماڻهن کي انصاف ڏيارينداسين ۽ بيگناھ قيدين کي آزاد ڪرائينداسين مورو سانحي جي ڏينهن 20 مئي 2026 تي مورو قومي شاھراھ تي ڌرڻو هڻنداسين ۽ جلسو ڪنداسين ان موقعي تي سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مورو سانحي ۾ سنڌو درياء ۽ زمينن جي والار خلاف آواز اٿارڻ ۽ پر امن احتجاج ڪرڻ تي پوليس ۽ خانگي ھٿياربند ماڻهن گوليون هڻي عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري کي شهيد ڪري ٻن نوجوان کي گوليون هڻي معذور ڪيو انهن جا گهر دڪان ڊاهيا ويا مورو ڳوٺ ۽ مورو شهر مان 60 کان مٿي مختلف برادرين جي نوجوانن مزدورن هارين پورهيتن کي گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيلن ۾ واڙيا ويا ڏهن مهينن کان هو ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز ۾ بيگناھ قيد آهن انهن جي ملاقات به بند آهي ڪيس به نٿا هلايا وڃن ضمانتون به نٿيون ڪرڻ ڏنيون وڃن ظلم به انهن مظلوم ماڻهن سان ٿيو خونن جا ڪيس به انهن تي داخل ڪيا ويا آهن مورو ۾ جبر ڏاڍ ظلم ۽ خوف وارو ماحول پيدا ڪري حق ۽ سچ جي آواز کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي مظلومن جو آواز اٿارڻ تي مون تي ڪوڙا پنج ڪيس داخل ڪيا ويا 26 ۽ 27 ترميم ڪري عدالتن کان انصاف جو حق کسيو ويو آهي هاڻي ڪنهن به مظلوم کي انصاف ڪونه ٿو ملي مورو سانحي جي مظلوم ماڻهن لاء به انصاف جا دروازا بند آهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي شروع کان وٺي مورو سانحي جي مظلوم ڳوٺ لغاري بجراڻي ۽ مورو جي مظلوم ماڻهن سان گڏ آهي جلسا احتجاج ڪندا اچون پيا اسان جي وڪيلن جي ٽيم به  انهن لاء ڪم ڪري پئي هر فورم تي آواز اٿاريو آهي انشاء ﷲ ظالم حڪمرانن جو خاتمو ٿيندو بيگناھ نوجوانن جي خون جو حساب ٿيندو بيگناھ قيدي آزاد ٿيندا مظلومن سان انصاف ٿيندو هن اعلان ڪيو ته مورو سانحي واري ڏينهن 20 مئي تي مورو ۾ ايس يو پي پاران وڏي پئماني تي احتجاجي جلسو ڪنداسين جنهن ۾ سنڌ جي سڀني قومپرست  سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن وڪيلن ۽ سنڌ دوست ماڻهن کي هن جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏينداسين هي جلسو حڪمرانن جي خاتمي جو جلسو ثابت ٿيندو سيد زين شاھ احتجاج ۾ شامل بيگناھ قيدين جي وارثن مردن عورتن نياڻين ٻارڙن امڙين ڀينرن سان ملاقات ڪئي انهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اوهان جا هي لڙڪ اوهان سان ٿيندڙ نا انيافيون يزيدي ڪردار حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪندا هنن جي فرعونيت ختم ٿيندي اوهان جا پيارا آزاد ٿيندا ان موقعي تي ايس يو پي ضلع صدر محمد ياسين سومرو ۔ اسلم ڪوريجو ۔ خادم سيال ۔ عباس حب ۔ مهراڻ سولنگي ۽ وارثن ۾  محسن علي رستماڻي ايڊووڪيٽ اسرار احمد ڀٽي ايڊووڪيٽ نصير احمد کوکر علي دوست رند نواز علي ڪلھوڙو وسيم سجاد لغاري ۽ ٻيا موجود هئا وارثن پنهنجي پيارن جا ڦوٽو کڻي آزادي جا نعرا هنيا ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.