پاڪستان پاران ميزائل پروگرام کي خطرو قرار ڏيڻ واري آمريڪي دعويٰ رد

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان جي ميزائل پروگرام کي امڪاني خطرو قرار ڏيڻ واري آمريڪي دعويٰ کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا جي ڊائريڪٽر نيشنل  انٽيليجنس تلسي گبارڊ جي بيان تي ردعمل ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان جو ميزائل پروگرام بين البراعظمي حد (ICBM) کان تمام گهٽ آهي ۽ ان جو مقصد صرف پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي برقرار رکڻ آهي. پرڏيهي ترجمان موجب، پاڪستان جون اسٽريٽجڪ صلاحيتون مڪمل طور تي دفاعي نوعيت جون آهن، جن جو واحد مقصد قومي خود مختياري جو تحفظ ۽ خطي ۾ امن و استحڪام کي قائم رکڻ آهي. پڌرنامي ۾ واضح ڪيو ويو ته پاڪستان جو پروگرام ڀارت جي مقابلي ۾ ”ڪارگر گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت“جي نظريي تي ٻڌل آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت جا وڏي مفاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل خطي لاءِ اصل خطرو آهن، جنهن تي عالمي برادري کي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي. پاڪستان آمريڪا سان گڏجي برابري ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پر اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي خطي جي توازن کي متاثر ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.