اسلام آباد (بيورو) وچ اوڀر جي صورتحال ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب تيل جي فراهمي ۾ خلل اچڻ ڪري پاڪستان ۾ مهانگائي 12 سيڪڙو تائين وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) آبنائي هرمز جي بندش جا پاڪستان جي معيشت تي ممڪن اثرن بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آبنائي هرمز رستي روزانو تقريبن 20 ملين بيرل تيل گذري ٿو ۽ جيڪڏهن تيل جي پهچ ۾ رڪاوٽ اچي ٿي ته قيمتون فوري طور وڌي سگهن ٿيون، رپورٽ موجب اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ پرڏيهي کاتي تي به منفي اثر پوندو، جڏهن ته مهانگائي 8.8 سيڪڙو کان وڌي 12 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي، پائيڊ موجب ڇهن مهينن ۾ مهانگائي 8.8 سيڪڙو تائين رهڻ، وچولي دٻاءُ جي صورت ۾ 10.4 سيڪڙو ۽ شديد دٻاءُ جي حالت ۾ 12 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو تيل درآمدي بل هر مهيني 384 ملين ڊالر تائين وڌي سگهي ٿو، جنهن سبب ساليانو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس مان 4.6 ارب ڊالر خساري ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي، ان کان سواءِ پاڪستان جون 22 سيڪڙو درآمدون توانائي شين تي ٻڌل آهن، جڏهن ته شپنگ، انشورنس، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪسن سبب به قيمتن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، پائيڊ منفي اثرن کان بچڻ لاءِ هنگامي پاليسي قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي آهي، خاص طور ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ خوراڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ڊيزل کي اهم قرار ڏيندي فيول پرائسنگ خاص ڪري ڊيزل جي نگراني تي زور ڏنو ويو، رپورٽ موجب سپلاءِ چين ۾ بهتري آڻي ڊيزل تي انحصار گهٽائي سگهجي ٿو.