ڪراچي ( رپورٽر )ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اينٿوني نويد گورنر هائوس ۾ گورنر سنڌ محمد نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن بين المذاهب هم آهنگي، رواداري، محبت ۽ سٺي اخلاق کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صوبي جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.