ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 51 هين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پاليسي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي سنڌو درياهه تي هڪ نئين پل تعمير ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو سکر، روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي وچ ۾ نئون رابطو فراهم ڪندو تھ جيئن ھاڻوڪن رستن تي ٽرئفڪ جو دٻاءُ گھٽائي سگھجي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن؛ سيد ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهم انفراسٽرڪچر رٿائن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم سڌارن جي پڻ منظوري ڏني مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر ۽ روهڙي هڪ گڏيل شهري ۽ معاشي رستو بڻجي چڪا آهن، جتي روهڙي، صالح پٽ ۽ پنو عاقل جا لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو رهواسي روزگار، تعليم، صحت ۽ واپاري سرگرمين لاءِ سکر وڃن ٿا. هن وقت مکيه گذرگاهه لينس ڊائون پل آهي، جڏهن ته سکر بئراج پڻ مددگار آهي، پر مرمت سبب سکر بئراج گهٽ ۾ گهٽ 2027ع تائين عوامي آمدورفت لاءِ بند رهندو. وڏي وزير موجب هڪ مطالعي مان ڄاڻ حاصل ٿي آھي تھ روزانو 30 هزار کان وڌيڪ گاڏيون لينس ڊائون پل استعمال ڪن ٿيون، ان جي تاريخي حيثيت ۽ پراڻي ڍانچي سبب ڳري ٽرئفڪ، خاص ڪري اين فائيو ۽ ايم فائيو شاهراهن ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ کي هن پل تي هلڻ جي اجازت ناهي. ان صورتحال سبب رش جي وقتن ۾ سخت دٻاءُ ۽ ٽرئفڪ جام ٿئي ٿي، جنهن ڪري ايمرجنسي طبي سهولتون ۽ فائر برگيڊ جهڙيون خدمتون به متاثر ٿين ٿيون. انهن مسئلن جي حل لاءِ وڏي وزير نئين سکر–روهڙي پل رٿا لاءِ پروجيڪٽ ڊيولپمينٽ فيسيلٽي (پي ڊي ايف) جي منظوري ڏني ته جيئن ماهر صلاحڪارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ھن رٿا کي پي پي پي ماڊل تحت مڪمل ڪندو. هيءَ پل بکر ٻيٽ جي اتر ڏانھن اٽڪل 1.5 ڪلوميٽر ڊگھي، گهڻ قطار (ملٽي لين) هوندي، جنهن ۾ ڳري تجارتي گاڏين لاءِ گنجائش ۽ پيادل هلندڙن لاءِ الڳ رستا شامل هوندا.