لنجار هائوس واقعو، 60 قيدي نوشهروفيروز جيل اندر واڙيل، موري ۾ ڌرڻو جاري

مورو(رپورٽ: جاني مورائي) ويھه مئي جي لنجار ھائوس واقعي کي ڏھ مھينا گذرڻ باوجود ڳوٺ لغاري بجراڻي سميت مورو شھر جي مختلف ذاتين سان تعلق رکندڙ سميت 60 قيدي نوشهروفيروز جيل اندر دھشتگرديجي ڪيسن ۾ واڙيل آهن جن جا ڪيس نه ھلڻ ۽ کين ضمانتون نه ملڻ خلاف سندن وارثن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاڪ ڪلام کڻي معصوم ٻارڙن سان گڏ اڄ چوٿين ڏينهن به مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته مورو سانحي جي بيگناھ پنهنجن پيارن  جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد چوٿين ڏينهن به وارثن مردن عورتن ۽ ٻارڙن نياڻين سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شهرين وڪيلن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جن جي هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ ۽ تصويرون هيون جن تي بيگناھ قيدين جي آزادي جا نعرس لکيل هئا، ان موقعي تي وارثن محسن علي رستماڻي، ايڊووڪيٽ اسرار احمد ڀٽي، ايڊووڪيٽ نصير احمد کوکر، علي دوست رند، نواز علي ڪلھوڙو، وسيم سجاد لغاري، ايڊووڪيٽ گلزار علي عالماڻي، جسم اڳواڻ ابرار ميمڻ ۽ ٻين چيو ته مظلوم بيگناھ  ڪوڙن ڪيسن ۾ ڏهن مهينن کان ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز ۾ قيد آهن انهن جون ملاقاتن تي به  بندش آهي انهن جا گهر ڀاتي امڙيون ونيون ڀينرون پيرسن والدين ڀائر پٽ پنهنجن پيارن جي بيگناهه قيد جو درد ڏهن مهينن کان سهندا پيا اچن انهن جي گهرن ۾ پنهنجن پيارن لاءِ درد غم ۽ ڏک کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آهن ضمانتن تي به بندش وجهي ڇڏي اٿن جيڪي حڪمران هتان چونڊيا انهن پهريون وار اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مورو ۽ ڳوٺ لغاري بجراڻي تي ڪيو جبر ڏاڍ ۽ بربريت جي انتها ڪئي وئي ائين ضياءُ الحق جي يارنهن سال مارشلا ۾ به ائين نه ڪيو ويو ڏهن مهين کان لغاري رستماڻي جويا ڀٽي رند چانڊيا نوجوان شاگرد پورهيت مزدور هاري حڪمرانن جي قيد خاني ۾ آهن، بيگناھ قيدين جا ٻار نياڻيون پنهنجن پيارن لاءِ زارو قطار رات ڏينهن درد ڀرين دانهن سان روئن ٿا پنهنجن گهرن جي درن تي ويهي پنهنجن پيارن جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا اهي ٻار ۽ گهر ڀاتي ڪهڙيون عيد جون خوشيون ملهائيندا ٽن ڏينهن کان مسلسل وارث پنهنجن پيارن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندا اچن پيا پر ڪير انهن جي دردن جو درمان ٿيڻ وارو نه آهي هنن سنڌ جي سڀني قومپرست اڳواڻن سنڌ دوست وڪيلن سنڌ جو درد رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته مورو سانحي جي بيگناھ قيدين جي آزادي لاءِ سنڌ ليول تي آواز اٿارين احتجاج ڪن مظلومن جو ساٿ ڏين قيدين جي وارثن سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شهرين اقوم متحدہ دنيا جي منصفن ڏيهي توڙي پرڏيهي انساني حقن جي تنظيمن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن جي ظلم جبر بربريت جو نوٽيس وٺن مورو سانحي جي شهيدن زخمين قيدين ۽ متاثرين سان انصاف ڪن بيگناھ قيدين کي آزاد ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.