ماتلي ريلوي اسٽيشن ويجهو جوابدار ڇرين جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ماتلي (ت ر) ماتلي ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي علائقي ۾ پيش آيل هڪ دل ڏاريندڙ واقعي سڄي شهر کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو، جتي 45 ورهين جي نوجوان وقار راجپوت کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، افسوسناڪ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف، بيچيني ۽ عدم تحفظ جي فضا پکڙجي وئي، ذريعن موجب مقتول وقار راجپوت ۽ هڪ نشي جي عادي شخص رفيق چڍڙ ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته جهيڙي دوران جوابدار ڇرو ڪڍي وقار راجپوت جي سيني ۾ لڳاتار وار ڪيا، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايڌي فائونڊيشن جا رضاڪار فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتا ۽ لاش کي کڻي تعلقي اسپتال ماتلي منتقل ڪيو، ٻئي پاسي پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي جوابدار رفيق چڍڙ کي گرفتار ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته واقعي جي مختلف  رخن کان جاچ جاري آهي، مقتول لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، فسوسناڪ واقعي کان پوءِ شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي، شهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪري کيس قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ته جيئن مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ٿي سگهي ۽ شهر ۾ امن امان جي بحالي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.