قطر پاران ايران جي سائوٿ پارس گيس فيلڊ حملي جي مذمت

دوحا(م ڊ) قطر ايران جي سائوٿ پارس گيس فيلڊ تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي ”خطرناڪ ۽ غير ذميواراڻو قدم“ قرار ڏنو آهي. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري هڪ بيان ۾ چيو ته سائوٿ پارس فيلڊ، جيڪا قطر جي نارٿ فيلڊ جي ايڪسٽينشن آهي، سان لاڳاپيل ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ علائقي ۾ جاري فوجي ڇڪتاڻ دوران انتهائي خطرناڪ قدم آهي. هن چيو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ عالمي توانائي سلامتي، علائقي جي ماڻهن ۽ ماحول لاءِ خطرو آهي. قطري ترجمان سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته هو اهم ۽ حساس ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.