پاڙيسرين سان جنگ ناهي، آمريڪي فوجي اڏا ئي اسان جو هدف آهن: ايراني سفير

لاهور (م ڊ) پاڪستان ۾ مقرر ايراني قونصل جنرل مهراڻ موحدفر چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان ڪا جنگ ناهي، آمريڪا طرفان قائم ڪيل فوجي اڏا ئي اسان جا هدف آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسرائيل۽ آمريڪا جنگ شروع ڪئي، ايران ان کي ختم ڪندو، جڏهن ته ايران جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايران ۾ زندگي معمول موجب جاري آهي ۽ عوام لاءِ ضرورت جو سمورو سامان موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.