تهران/تل ابيب/واشنگٽن/بيروت (ويب ڊيسڪ) پاسدارانِ انقلاب جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ ايران طرفان اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي سخت حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي ڌرين
وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، تازن حملن ۾ اسرائيل اندر 100 هدفن کي نشانو بڻائڻ ۽ 200 ڄڻن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل رات ايران جي انٽيليجنس معاملن واري وزير اسماعيل خطيب کي به نشانو بڻايو ويو، ٻئي پاسي تهران ۾ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد علي لاريجاني، بسيج جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام رضا سليماني ۽ نيوي جي درجنين اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي. ايران جي راڄڌاني تهران ۾سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد علي لاريجاني، بسيج جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام رضا سليماني ۽ سامونڊي فوج جي درجنين اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پاسدارانِ انقلاب جي ماتحت خابرو اداري تسنيم موجب، شهيدن جي جنازي نماز ۾ ايراني عوام وڏي انگ شرڪت ڪئي. اسدارانِ انقلاب جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ ايران طرفان اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي سخت حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، تازن حملن ۾ اسرائيل اندر 100 هدفن کي نشانو بڻائڻ ۽ 200 ڄڻن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل رات ايران جي انٽيليجنس معاملن واري وزير اسماعيل خطيب کي به نشانو بڻايو ويو، ٻئي پاسي تهران ۾ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد علي لاريجاني، بسيج جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام رضا سليماني ۽ نيوي جي درجنين اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.علي لاريجاني جي شهادت جو پلاند، پاسدارانِ انقلاب پاران 100 اسرائيلي هدفن کي نشانو بڻائڻ ۽ 200 ماڻهو مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پاسدارانِ انقلاب طرفان ايراني سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ ايران اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي سخت حملا ڪيا ويا آهن. ايراني سرڪاري ٽي وي موجب، علي لاريجاني جي شهادت جي جواب ۾ تل ابيب کي ڪلسٽر وار هيڊ کڻندڙ ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو ويو، ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا ويا. ٻئي پاسي آمريڪي اخبار اسرائيلي ڳجهي ڪيبل جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ايران جو نظام هيڻو ناهي پر هو آخري حد تائين وڙهڻ لاءِ تيار آهي.آمريڪي اخبار موجب، ايران جي بنيادي فوجي قوت پاسدارانِ انقلاب وڌيڪ مضبوط آهي.ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني حملن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪجهه زخمي ٿيا آهن.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪي فوجون فوجي اڏن مان نڪري شهري علائقن ۽ هوٽلن ڏانهن منتقل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب اهڙا هنڌ به نشانو بڻيا جيڪي آبادي جي ويجهو آهن. عرب ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾عباس عراقچي چيو ته جتي جتي آمريڪي فوج يا سندن ٿاڪ موجود هئا، انهن کي نشانو بڻايو ، ممڪن آهي ته ڪجهه هنڌ شهري علائقن جي ويجهو هجن، تنهنڪري حملن سبب خطي جي ملڪن ۽ عوام کي نقصان ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ايران جي پاسدارانِ انقلاب سائوٿ پارس گيس فيلڊ ۽ ريفائنري تي حملي جو فوري جواب ڏيڻ جو اعلان ڪندي سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ قطر ۾ موجود تيل ۽ گيس ٿاڪن جي ويجهو رهندڙ شهرين، ملازمن ۽ ٻين ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران اعلان ڪيو آهي ته سائوٿ پارس گيس فيلڊ ۽ ريفائنري تي حملي جو فوري جواب ڏنو ويندو.
You might also like