حيدرآباد ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 7، مسلم راجپوت ڪالوني ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. فائرنگ ۾ عبدالجبار، عمير ۽ نبيلا گوليون لڳڻ سبب،جڏهن ته نسيم نالي عورت ڏاڪڻ تان ڪرڻ سبب زخمي ٿي، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد مڇريل ماڻهن حملو ڪندڙن جون ٻه موٽرسائيڪلون باهه ڏئي ساڙي ڇڏيون. اي سيڪشن ٿاڻي تي رابعا اوڏ جي فرياد تي نويد زئي، سجو پالاري ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ٻن نامزد جوابدارن نويد زئي ۽ سجو پالاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. فريادي ڌر جو چوڻ آهي ته جوابدار پوليس جا مبينا بيٽر آهن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن، جن پئسن جي تڪرار تان گهر تي حملو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.