حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ ۽ ان جي ذيلي تنظيمن پاران مرڪزي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار، عمرا سمون، راحيل ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ايران تي آمريڪي و اسرائيلي حملن ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگي جنون سبب دنيا جو امن تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن جا اثر پاڪستان جي معيشت تي به پئجي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن پاران جنگ جو جواز ڄاڻائي مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عيد ويجهو ايندي ئي ٽرانسپورٽرن ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۾ ڪيل 55 رپيا واڌ فوري طور ختم ڪئي وڃي ۽ هارين کي ڪڻڪ جو اگهه 5 هزار روپيا في مڻ ڏنو وڃي.