ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پاران بي ايل اي جو اهم ڪمانڊر سهيل بلوچ مارڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) شاهه لطيف ٽائون ملير ۾ آپريشن دوران بندش پيل بي ايل اي جي انتهائي گهربل ڪمانڊر سهيل بلوچ عرف ”گرڪ“ کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي ٽي ڊي اختيارين موجب، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا هئا، جن مان چوٿين دهشتگرد جي سڃاڻپانٽيليجنس تحقيقات کانپوءِ سهيل بلوچ طور ٿي آهي. مارجي ويل ڪمانڊر بي ايل اي جي ”الفتح اسڪواڊ“ جو اڳواڻ هو ۽ ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر بلوچ جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ 50 کان وڌيڪ قتل جي وارداتن ۾ ملوث هو. سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته سهيل بلوچ جي مارجڻ سان دهشتگردن جو هڪ وڏو نيٽ ورڪ تباهه ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.