ڪراچي (رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي جي علائقي صدر ۾ پاسپورٽ آفيس ويجهو ٻن هوٽلن تي ڇاپا هڻي 33 عورتن کي ٻاهرين ملڪ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. ڪارروائي دوران هڪ عورت سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جي قبضي مان 29 پاسپورٽ ۽ ٻيو مواد هٿ ڪيو ويو. ايف آءِ اي موجب، انهن عورتن کي وزٽ ويزا تي گڏيل عرب امارات (يو اي اي) موڪلي اتي سندن جنسي استحصال ڪرڻ جو منصوبو هو. جوابدارن خلاف ٽريفڪنگ ان پرسنز ايڪٽ 2018 تحت ٽي الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.