شڪارپور ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو، گهرو وزير پاران رپورٽ طلب

شڪارپور (ڊ ر) شڪارپور جي علائقي سلطان ڪوٽ ۾ ريلوي ٽريڪ تي هڪ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جو سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي شڪارپور موجب، ڌماڪو ٽرين گذرڻ کانپوءِ ٿيو جنهن ڪري ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو آهي، پر ريلوي ٽريڪ جو ڪجهه حصو متاثر ٿيو آهي. گهرو وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.