ڪراچي(رپورٽر )اڳوڻي وفاقي وزير مارئي ميمڻ ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ بيانيي کي درست انداز ۾ بيان ڪرڻ، پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط ۽ اختيار بڻائڻ جي لاءِ تاريخدانن کي سرحدن کان لامحدود حد تائين ڪردار ڪرڻ لاءِ هڪ نئين فورم جو بنياد رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي فورم جا ٻيا اڳواڻ سنڌ حڪومت جو رٽائرد ڪامورو شمس جعفراڻي ،ليکڪ انعام شيخ، سماجي ڪارڪن سورٺ سنڌو، ڪالم نويس غازي صلاح الدين ۽ ٻيا به موجود هئا.، مارئي ميمڻ چيو ته تاريخي غلط بياني قومن جي اتحاد کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي ۽ افسوس ته سنڌ جي تاريخي بياني کي درست ۽ توازن ۾ رکڻ جيڪو ڪم سياسي پارٽين ۽ پاليسي ساز ادارن کي ڪرڻ گهربو هو، جيڪو اڃان نه ٿي سگهيو، هن چيو ته شهر سنڌ جو تاريخي حصو آهي، ان کي باقي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش برداشت نه ڪبي ۽ سنڌي ٻوليءَ تاريخي وجود رکندڙ ٻولي آهي، جنهن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريندو ويندو، ،ان ڪري فورم جي سنڌ باب جي ڪم جي شروعات ڪراچي مان ڪري رهيا آهيون، جنهن جو بنياد شاهه لطيف جي شاعري آهي مارئي ميمڻ چيو ته فورم طرفان سنڌ جي تاريخي عمارتن ۽ ماڳن مڪانن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريو ويندو، هن چيو ته سنڌ جي جهنگلي جيوت، ماحول، لوڪ ادب، شاعري، ۽ ٻولي جي حفاظت لاءِ سنڌ حڪومت طرفان مناسب بجيٽ رکرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويندو، ئي سنڌ جي ماڳن مڪانن،روڊن رستن ۽ شهرن جا قديم تاريخي نالا بحال ڪرايا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تاريخي ٻياني سان زيادتين جي ازالي سان نه فقط سنڌ جو پر پاڪستان جو به ڀلو ٿيندو ۽ ان لاءِ هن فورم کي وڌيڪ ڦهلايو ويندو.