کيرٿر نيشنل پارڪ مان ريتي ۽ بجري ڪڍڻ تي پابنديءَ ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ کيرٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ ۽ اتان ريتي توڻي بجري ڪڍڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي پابنديءَ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران کاڻ ۽ معدنيات کاتي پنهنجي جواب ۾ واضح ڪيو ته کين مائننگ جي ڪا به اجازت ناهي ڏني وئي ۽ اهو معاملو جهنگلي جيوت کاتي جي اختيار ۾ اچي ٿو، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جهنگلي جيوت کاتي کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو. درخواست گذار حفيظ الرحمان پنهنجي موقف ۾ ڄاڻايو ته پارڪ ۾ 114 مختلف قسمن جا جانور، پکي ۽ مڇيون موجود آهن، جن کي تجارتي سرگرمين سبب خطرو آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته ريتي ۽ بجري ڪڍڻ سان نه صرف جهنگلي جيوت پر علائقي جي تاريخي ماڳن ۽ قديمي قبرستانن کي به سخت نقصان پهچندو. عدالت معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي ٻڌڻي چار هفتا ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.