مورو ۾ بيگناهه قيدين جي آزاديءَ لاءِ وارثن ۽ تنظيمن جو ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو

مورو (رپورٽ: جاني مورائي) مورو ۾ بيگناهه شهرين ۽ پورهيتن جي گرفتاريءَ خلاف وارثن، سياسي سماجي تنظيمن ۽ معصوم ٻارڙن پريس ڪلب آڏو ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن علي دوست رند، محسن علي رستماڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مورو سانحي ۾ 10 مهينن کان پورهيتن ۽ نوجوانن کي دهشتگردي جي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ واڙيو ويو آهي، جن جون ضمانتون ۽ ملاقاتون به بند آهن. وارثن دانهيندي چيو ته عيد ويجهو اچڻ باوجود سندن پيارا قيد آهن، جنهن ڪري گهرن ۾ ماتم وارو ماحول آهي. احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته بيگناهه قيدين کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عيد واري ڏينهن به ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.