ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ امن و امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي ڪانسٽيبلري جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته پهرين مرحلي ۾ ايف سي جا ٻه ونگز، جن ۾ تقريباً 3 هزار اهلڪار شامل هوندا، صوبي ۾ مقرر ڪيا ويندا. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي رياست مخالف سرگرمين جي مانيٽرنگ کي اثرائتو بڻائڻ ۽ ايف آءِ اي ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرتي ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوت سان مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ رياست جي عملداري کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.
-
ملير جي عدالت پاران ڊي سي ملير ۽ مختيارڪار خلاف ڪارروائي جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر) سينئر سول جج-IV ملير جي عدالت ڊپٽي ڪمشنر ملير سميع الله شيخ ۽ مختيارڪار رياض احمد مغيري خلاف عدالتي حڪمن جي توهين ۽ لاپرواهي تي سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڪيل غلام اڪبر جتوئي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته سروس رولز تحت ٻنهي آفيسرن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته آفيسرن پاران اڳ ۾ جاري ڪيل فيصلي ۽ ڊگري تي عمل ڪرڻ کان انڪار سنگين غفلت ۽ 1973ع جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت واضح ڪيو آهي ته سرڪاري عملدارن لاءِ قانوني حڪمن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.