اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)دفاعي تجزئي نگار سيد محمد علي چيو آهي ته صدر ٽرمپ آمريڪا کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو پاڻ به آمريڪا ۾ اڪيلو ٿي چڪو آهي.جڏهن صدر ٽرمپ نيٽو کي سڏيو، ته سڀني صاف جواب ڏئي ڇڏيو.سوال اهو آهي ته عرب ملڪ به آمريڪا کي جواب ڏئي سگهن ٿا؟صدر ٽرمپ جا مشير چئي رهيا آهن ته فتح جو اعلان ڪريو ۽ جنگ کان نڪرو.پر وائڙائپ ۾ صدر ٽرمپ شايد ڪو انتهائي قدم به کڻي سگهي ٿو،هن چيو ته سڀ کان اهم معاملو آهي گريٽر اسرائيل جو منصوبو.پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو، ڇو ته پاڪستان مسلم دنيا جي دفاع جي صلاحيت رکي ٿو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.سعودي عرب جي دفاع لاءِ پاڪستان تي جان حاضر آهي، پر جيڪڏهن سعودي عرب يا عرب ملڪ ايران تي حملو ڪن، ته پاڪستان انهي حملي جو حصو نٿو ٿي سگهي.