ڪراچي ۾ کير ۾ ملاوٽ، واپارين مٿان ڏنڊ

ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي ۾ انتظاميا طرفان کير ۾ ملاوٽ خلاف مهم جاري رکي وئي، ڪميشنر ڪراچي سيد حسن نقوي جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڊپٽي ڪميشنرن پاران بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ موجب 43 کير فروشن جا کير جا نمونا چيڪ ڪيا ويا، جن مان 17 نمونا ملاوٽ شدا نڪتا، مجموعي طور تي هڪ لک 59 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، ڪميشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ڊپٽي ڪميشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته مهم جاري رکن ۽ ملاوٽ  ٿيل کير وڪڻڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکن، بريفنگ موجب ڪياماڙي ۾ 6، ڪورنگي ۾ 2، ڏکڻ ضلعي ۾ 1 ۽ ضلع غربي ۾ 8 نمونن ۾ کير ۾ ملاوٽ ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.