ميان منشا پاڪستان ريلوي ۾ سيڙپ ڪاري جو خواهشمند

لاهور(ذوالفقار مهتو)ملڪ ۾ تيل اگهه وڌڻ کانپوءِ پاڪستان ريلوي پڻ پنهنجي اڪانومي ڪلاس جي ٽڪيٽن ۾ 5 سيڪڙو، مڊل ڪلاس ۾ 10 سيڪڙو، ۽ مال گاڏين جي ڪرائي ۾ 20 سيڪڙُ اضافو ڪيو، جيڪي درآمد ۽ برآمد ٿيندڙ مال سان تعلق رکن ٿيون.پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومتصرف عوام کان برداشت ڪرڻ چاهي ٿي؟ ريلوي پڻ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو برداشت نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي ريلوي جي صورتحال اهو ظاهر ڪري ٿي ته ادارا عوام ۽ پنهنجن ملازمن کان ڪيئن فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.ريلوي جو معاملو اهم آهي ڇو ته ملڪ ۾ ريلوي وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، ۽ ميان منشا، جيڪو نشاط گروپ جو چيئرمين آهي، وفاقي وزير حنيف عباسي جي دعوت تي هڪ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، ٻڌايو پيو وڃي ته گڏيل سيڙپڪاري منصوبو ترتيب ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ نشاط گروپ جا پاور پلانٽ ۽آءِ پي پيز  شامل آهن، مالي سال 2025-26 جي پهرين ڇهه مهينن ۾، مال گاڏين مان ريلوي کي 17 ارب رپيا آمدني ٿي، ۽ مسافر ٽرينن مان 47 ارب رپيا. روزانو اوسط آمدني 13 ڪروڙ رپيا هئي.ڊيزل جي قيمت وڌڻ سبب ريلوي تي اضافي خرچ پڻ اچي رهيو آهي: ريلوي روزانو 350,135 ليٽر ڊيزل استعمال ڪري ٿي، ۽ نئين قيمتن سان روزانو خرچ 11.67 ڪروڙ رپيا ٿيندو. 55 رپيا في ليٽر اضافي کي 16 ڏينهن لاءِ حساب ڪجي، ته اضافي خرچ 30.86 ڪروڙ رپيا ٿيندو.ريلوي جي ٽڪيٽن ۾ اضافو عوام کان ورتل آمدني وڌائيندو، جيڪا 45.77 ڪروڙ رپيا تائين پهچي سگهي ٿي. يعني ٽڪيٽن جو اضافو ۽ ڊيزل جو اضافو گڏ عوام جي کيسن مان 61.63 ڪروڙ رپيا ڪڍي ٿو، جيڪو 48.9 سيڪڙو اضافو آهي، جيڪو انصاف ناهي.ميان منشا پاڪستان ريلوي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو. پر انهي سلسلي ۾ ڪجهه سوال اڀريا آهن ته اڳوڻن منصوبن ۾ ريلوي سان انهن کي ڪيئن فائدو ٿيو ۽ عوام جو ڇا نقصان ٿيو.ريلوي ۾ شفافيت ۽ منصفاڻا ڪاروباري طريقا هجڻ گهرجن، جيئن عوام جي پئسي سان انصاف ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.