ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو) ڄامشورو پوليس پورهيت عورت صبرين پٺاڻ جي مک قاتل معشوق کوسو کي مبينه مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ڄامشورو جي اي سيڪشن پوليس دعوي ڪئي آهي ته ڳجهو اطلاع مليو ته اجتمائي زيادتي بعد قتل ٿيل عورت صبرين عرف صبرو پٺاڻ جو مک قاتل معشوق کوسو ٿرمل پاور هائوس ڀرسان جابلو علائقي ۾ موجود آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي ٽيم پهتي ته معشوق ۽ سندس ساٿين پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ دوران پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ گهربل جوابدار معشوق کوسو زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، پهرين فيبروري تي ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ نڪتل صبرو کي جوابدارن زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس قتل ڪري سندس لاش جهنگ ۾ اڇلايو هو.