ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل سوارن بابت حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيو آهي۔ ٽريفڪ پوليس موجب ڪيترائي سوار اي-چالان سسٽم کان بچڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري رهيا آهن،ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس 100 موٽرسائيڪلن تي ٻڌل هڪ سيمپل سروي ڪيو، جنهن ۾ سڀئي (100 سيڪڙو) موٽر سائيڪل سوار ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سسٽم کي دوکو ڏيندي نظر آيا۔سروي مطابق 70سيڪڙو کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن تي نمبر پليٽ ئي موجود نه هئي۔لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو سوارن نمبر پليٽ مختلف طريقن سان لڪائي ڇڏي هئي۔باقي جن وٽ نمبر پليٽ هئي، انهن مان ڪيترن جا ايڊريس غلط هئا يا نمبر پليٽ پڙهڻ مشڪل هئي،پير محمد شاهه چيو ته جديد ٽريفڪ سسٽم کي ناڪام بڻائڻ جون ڪوششون برداشت نه ڪيون وينديون۔ عيد کان فوراً پوءِ شهر ۾ موٽر سائيڪل سوارن خلاف هڪ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويندو۔ ان دوران ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ، بغير نمبر پليٽ يا تبديل ٿيل نمبر پليٽ وارين موٽر سائيڪلن کي ضبط ڪيو ويندو۔