تهران(عوامي آواز نيوز)ايراني تجزئي نگار محمد حسين باقر چيو آهي ته نيتن ياهو جي قتل جون خبرون بار بار اسرائيل پاڻ ڦهلائي رهيو آهي افواهه دراصل اسرائيل جي جنگي حڪمت عملي جو حصو آهن، جنهن جو مقصد ايراني عوام جي نفسيات سان کيڏڻ آهي،هن چيو ته جيڪڏهن نيتن ياهو مارجي وڃي ٿو، ته ايراني عوام جي ڪاوڙ گهٽجي ويندي، جيڪڏهن نه ماريو ويو تهڪاوڙ وڌندي رهي ٿي، هن چيو ته اهي سڀ جنگ جا طريقا آهن. ايران جو ٽارگيٽ صرف نيتن ياهو نه آهي، پر اسرائيل جي بنيادي ڍانچي تي به آهي،هن چيو ته ايران نار وارن ملڪن کي آڇ ڪئي آهي ته هڪ حقيقتون ڄاڻڻ واري ڪميٽي ٺاهجي، جيڪا ڏسندي ته ڪٿي ڪٿي ايران حملو ڪيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي آمريڪا يا اسرائيل فالس فليگ آپريشن ڪري رهيا آهن.