ايران، اسرائيلي ۽ آمريڪي اڳرائي خلاف ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان جو ٿورائتو

تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملن دوران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل حمايت تي ٿورا مڃيا. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي اردو ٻولي ۾ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته، انهن بابرڪت ۽ روحاني گهڙين ۾، مان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن صهيوني جارحيت جي مقابلي ۾ ايران سان ايڪي جو ڀرپور اظهار ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسلامي جمهوريه ايران الله تعاليٰ تي مڪمل ڀروسو ڪندي پنهنجي آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ مضبوطيءَ سان بيٺل آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ به ايراني نمائندي پاڪستان جي اصولي موقف تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو هو.

  1. ايران پاران پاڪستان، ڀارت ۽ ترڪي کي جهاز گذارڻ جي اجازت

تهران (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل سان جاري جنگ دوران ايران پاران آبنائي هرمز بند ڪرڻ کانپوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي. ايراني اختيارين پاڪستان، ڀارت ۽ ترڪي جيجهازن کي مخصوص حالتن ۾ هن اهم سامونڊي رستي تان گذرڻ جي محدود اجازت ڏني آهي. رپورٽن موجب، پاڪستاني تيل بردار جهاز ”ڪراچي“ حفاظت سان گذري چڪو آهي، جڏهن ته چين پنهنجي توانائي ضرورتن لاءِ ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جهازن جي حفاظت لاءِ بحري اتحاد ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي، پر جرمني، يونان ۽ برطانيا سڌي ريت فوجي ڪارروائي جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

  1. فرانس پاران ايران کي آبناءِ هرمز مان جهازن جي اچ وڃ کولڻ جو مطالبو

پيرس/تهران(م ڊ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون هرمز جي آبنائي ذريعي جهازن جي آمدورفت جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان۽ فرانسيسي صدر ميڪرون ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو. رپورٽ موجب فرانسيسي صدر ميڪرون ايراني صدر تي زور ڏنو ته هو وچ اوڀر ۾ حملن کي فوري طور تي بند ڪري ۽ آبنائي هرمز ذريعي جهازن جي آمدورفت کي جلد کان جلد بحال ڪري. ميڪرون چيو ته صرف هڪ نئون سياسي ۽ سيڪيورٽي فريم ورڪ سڀني لاءِ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو ۽ فريم ورڪ کي اهو به ضمانت ڏيڻ گهرجي ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.