تهران (م ڊ) ايران جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني مسلمان ملڪن جي رويي تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو آهي ته موجوده جنگي صورتحال ۾ اهي ڪنهن سان گڏ بيٺا آهن. سوشل ميڊيا تي جاريڪيل بيان ۾ علي لاريجاني چيو ته ڪجهه ملڪن ايران جي حمايت ڪرڻ بدران کيس پنهنجو مخالف قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ايران انهن جي سرزمين تي موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو. هن واضح ڪيو ته ايران پاڙيسري ملڪن مان ٿيندڙ ڪاررواين تي خاموش نه ويهندو ۽ پنهنجي دفاع جو حق رکي ٿو. لاريجاني وڌيڪ چيو ته ايران خطي ۾ ڪا بالادستي نه پر رڳو پنهنجي خودمختاري جو دفاع چاهي ٿو.