ملڪ ۾ 14 اپريل کانپوءِ ايل اين جي دستياب نه هوندي، بجلي پيداوار متاثر ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد (بيورو) سيڪريٽري پيٽروليم سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته 14 اپريل کانپوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نه هوندي، جنهن ڪري پاور سيڪٽر کي گئس جي فراهمي سخت متاثر ٿيندي. سينيٽر منظور احمد جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب تيل جي سپلاءِ متاثر ٿي آهي. سيڪريٽري پيٽروليم موجب، ڊيزل جي قيمت 88 ڊالر مان وڌي 187 ڊالر ۽ پيٽرول 74 ڊالر مان وڌي 130 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو آهي. اوگرا اختيارين ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڊيزل 100 سيڪڙو ۽ پيٽرول 70 سيڪڙو مهانگو ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشي وارن لاءِ هڪ خاص ”رليف پيڪيج“ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن غريب عوام کي ڪجهه سهولت ملي سگهي. اجلاس دوران سيڪريٽري پيٽروليم وضاحت ڪئي ته تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪمپنين کي فائدو پهچائڻ لاءِ نه، پر ملڪ ۾ تيل جي ذخيري اندوزي کي روڪڻ ۽ درآمد کي جاري رکڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. اجلاس ۾ سينيٽر منظور احمد ۽ سينيٽر هدايت الله جي سوالن تي اوگرا اختيارين ٻڌايو ته 7 مارچ کان وٺي ڊيزل جي قيمت ۾ 100 سيڪڙو ۽ پيٽرول ۾ 70 سيڪڙو تائين وڏو اضافو ٿي چڪو آهي. سيڪريٽري پيٽروليم ملڪي ذخيرن بابت ٻڌايو ته هن وقت پاڪستان وٽ خام تيل جا 11 ڏينهن، ڊيزل جا 21 ڏينهن، پيٽرول جا 27 ڏينهن ۽ ايل پي جي  جا رڳو 9 ڏينهن جا ذخيرا موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته 14 اپريل کانپوءِ ايل اين جي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب بجلي جي پيداوار لاءِ متبادل ذريعن تي ڀاڙڻو پوندو. سيڪريٽري پيٽروليم سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ايران سان آبنائي هرمز تان تيل جا جهاز گذارڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته روس کان تيل خريدڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قطر کان گئس جي سپلائي مڪمل معطل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته آذربائيجان کان گئس ٽيڻ تي مهانگي ملندي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت تيل اگهن تي ڪا به سبسڊي نه ڏني ويندي ۽ اگهه هفتيوار بنيادن تي مقرر ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.