ڪردارن جهڙو ڪهاڻيڪار شفيع بڪڪ

تحرير: ذلفي چاچڙ

ريگل چودگي صدر ڪراچي ۾ لڳندڙ هفتيوار ڪتابن جي بازار ۾ ڪيترا ئي ڄاتل سڃاتل توڙي نوان چهرا نظر ايندا آهن، جيڪي ڦٽ پيري تي پيل پراڻا، اڻلڀ ۽ ناياب ڪتاب ڦلوريندي ڏسڻ ۾ ايندا آهن.انهن ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي هر هفتي يعني آچر واري ڏينهن ڄاڻايل بازار جو چڪر لڳائڻ ڄڻ ته پنهنجو فرض سمجهندا هجن. شفيع بڪڪ پڻ انهن ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪو هر آچر تي هر حال ۾ ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن پنهنجي پراڻي موٽر سائيڪل تي اچيو نڪري.

شفيع بڪڪ جي بُت ۾ مون کي هڪ بيچين روح قيد ٿيل نظر ايندو آهي، جيڪو کيس ڪٿي به سک سان گهڻو وقت ويهڻ نه ڏيندو آهي ۽ هو هروڀرون، بنا ڪنهن ضرورت ۽ ڪم ڪار جي مريد ڳوٺ کان صدر تائين جون گهٽيون لتاڙيندو رهندو آهي، ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ هو ڪنهن اهڙي شيءِ جو متلاشي هجي، جيڪا هُن ڪڏهن خواب ۾ ڏٺي هجي ۽ ان سپني جي ساڀيان لاءِ اهڙي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، جيڪا ڪامياب نه ٿيڻ باوجود به هُو نراس ٿي ورچي نٿو ويهي .

جيتوڻيڪ شفيع بڪڪ هڪ ڪهاڻيڪار آهي، پر مون کي هو اُن امڪاني ڪهاڻي جو ڪردار لڳندو آهي، جيڪا اڃان تائين سرجي نه سگهي آهي. شفيع  بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي، پر هو پنهنجي رولاڪ طبيعت، ماٺيڻي مزاج ۽ سڀاءُ ۾ پيدائشي ڪهاڻيڪار لڳندو آهي، جنهن پنهنجو پاڻ کي دريافت ڪرڻ ۾ دير لڳائي ڇڏي، نه ته شفيع جو شمار اڄ  سنڌي ادب جي انهن قدآور ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ها، جن جو نالو سنڌ ۾ ڪنهن لاءِ به اوپرو ناهي، پر تنهن هوندي به هن هيل تائين ڪيتريون ئي شاهڪار ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي  مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا  ٽي ڪتاب در جو کڙڪو، نجو ۽ ڦٽ پاٿ شايع ٿي چڪا آهن، هُن هڪ ناول پڻ لکيو آهي، جنهن کي الائي ڇو هو تڪڙو  ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، جڏهن ته سندس ڪهاڻين جو چوٿون ڪتاب چاڳلي  پڻ تقريبن هڪ کان مڪمل تيار ۽ پريس ۾ وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي، پر شفيع جي مزاجي مجبوري ان جي آڏو  وڏي رنڊڪ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته هو ناماچاري ۽ شهرت جو بکيو هرگز ئي ناهي، شفيع ڪتاب ڇپرائڻ کان هميشه معياري ۽ سٺو لکڻ کي ترجيح ڏيندو رهي ٿو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجي ڪتابن جو انگ ٻڌائي مٿس رعب ويهارڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.

شفيع بڪڪ ڪجهه ذاتي دوستن کان سواءِ باقي ادبي حلقن جي صحبت ۾ رهڻ کان سدائين ڀاڄ کائيندي ڏٺو ويو آهي، هو ڪنهن ادبي تنظيم جي سرگرمين توڙي پروگرامن ۾ بنهه گهٽ شريڪ ٿيندو آهي، توڙي جو  هو آسپاس ۾ موجود به هوندو آهي، پر سنگت جي غير سنجيدگي، ڄنڊا پٽ، گروهه بندي، بدنيتي جي ٻڌل تعريف ۽ تنقيد شفيع جهڙي سنجيده ماڻهو کي گهڻو ئي بيزار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان هو پري رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي ٿو.

منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ کي ڪو گهڻو وقت ته ناهي ٿيو، پر شفيع جي يار ويسي، نهٺائي ۽ پنهنجائپ وارو رويو مون کي ڏينهون ڏينهن سندس ويجهو ڇڪيندو رهي ٿو. ان لاءِ منهنجي دل جڏهن به ان سان ملڻ لاءِ ڇڪ ڪندي آهي ته آئون سندس ”وتائي وارو اڳ جهليندو آهيان“، يعني آچر واري ڏينهن تي  ريگل چودگي تي ڪتابن واري بازار ۾ وڃي بيهندو آهيان، جتي هو ڪٿان نه ڪٿان گهمي ڦري اچي ٺڪ ڪندو آهي ۽ پوءِ هو ڪهاڻي ٻڌائڻ کان سواءِ مون مان هرگز هٿ ناهي ڪڍندو، توڙي جو سندس اها ڪهاڻي منهنجي اڳ ۾ پڙهيل يا ٻڌل ئي ڇو نه هجي.

  شفيع اڪثر پاڻ سان گڏ ڪپڙي جو هڪ ٿيلهو به لازمي کڻندو آهي، جيڪو ڪاغذن ۽ ڪتابن سان ڏٽيل هوندو آهي، جنهن ۾ گهڻي قدر اڌوريون ڪهاڻيون هونديون آهن، مان سمجهان ٿو ته شفيع کي جيڪا شيءِ ڪٿي، هڪ هنڌ ويهڻ نٿي ڏئي سا يقينن اڻپورين ڪهاڻين کي مڪمل ڪرڻ واري اها اُڻ تُڻ ئي آهي جيڪا کيس ڀٽڪڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ هو پنهنجون اڌروريون ڪهاڻيون کڻي جڳهه ۽ ماحول تبديل ڪندو رهي ٿو ته جيئن انهن کي حتمي شڪل ڏئي مڪمل ڪري سگهي. اڄ 16 مارچ تي سندس جنم ڏينهن آهي. سنڌي ادب جي هن يگاني ڪردار ۽ ڪهاڻيڪار کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن جون اڪيچار وڌايون پيش ڪجن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.